ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اسٽار جوڙي اڀيشنڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جو رشتو گذريل ڪجهه عرصي کان ڏکيو گذري رهيو آهي. جوڙي ڪيترن ئي مهينن کان گڏ نظر نه آئي آهي اتي هر ڏينهن طلاق جا نوان افواهه اڳيان اچن ٿا. ويجهڙ ۾ ڀارتي ميڊيا اسٽار جوڙي جي عليحدگي جو سبب اڀيشڪ بچن جا اداڪارا نمرت سان لاڳاپن کي قرار ڏئي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا رپورٽ تي ريڊٽ واهپيدار جي پوسٽ جو حوالي ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته اڀيشڪ بچن جو فلم “دسوي” جي اداڪارا نمرت ڪور سان لاڳاپا جوڙي وچ ۾ عليحدگي جو سبب بڻيا جنهن کانپوءِ ٻنهي شخصيتن هڪ ٻئي کان رستا جدا ڪري ڇڏيا. پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڀيشڪ بچن نمرت ڪور سان لاڳاپا قائم ڪري ايشوريا کي دوکو ڏنو، مبينا طور اڀيشيڪ نمرت ڪور لاءِ سنجيده ٿي ويو هو پر جڏهن هن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته هن ايشويا وٽ واپس اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايشوريا ان جي اجازت نه ڏني ۽ رستا الڳ ڪري ڇڏيا.