سيوھڻ شوِ جي نگري کان شوِ جي آستان يعني شوستان تائين، شوستان کان سيوستان تائين، ۽ سيوستان کان سيوھڻ تائين علم ۽ ادب جو، امن ۽ سلامتي جو، تھذيب ۽ تمدن جو، ۽ فن ۽ ثقافت جو ڳڙهه رھيو آھي. زمانو گواھ آهي ته تاريخ جو رُخ ھر دفعي اڪثريتي ٽولي نه پر عام سوچ کان ھٽيل ۽ تنقيدي ۽ تخليقي صلاحيتن کي سچائيءَ سان ۽ جنون جي حد تائين استعمال ڪندڙ ماڻھن جي ننڍي ٽولي ئي موڙيو آھي. (Harari, 2016) اھو ننڍو انقلابي ٽولو مادي ۽ سماجي سائنسدانن، دانشورن، اديبن ۽ شاعرن تي مشتمل رھيو آھي. اھا پڻ ھڪ اڻٽر حقيقت آهي ته ھر دور ۾ ڪجھه سائنسدان ۽ دانشور نالي چڙھيا ھوندا آھن، جن جي ھر ھنڌ هاڪ هوندي آھي، ته ڪجھه وري پس پرده پنھنجي ڪم ۾ جنبيل رھندا آھن ۽ بي رحم وقت جي وڪڙن ۾ ونگجي گھڻو نروار نه ٿي سگھندا آھن پر اھڙن ڪردارن جي ڪري مختلف شعبن سان سلهاڙيل ڪيترائي ماڻهو ضرور مستفيض پيا ٿيندا رهندا آهن. تاريخ جي اھڙن ئي وساريل جاکوڙي ڪردارن مان ويھين صدي جو سيوھڻ ڄائو پروفيسر محبوب علي چنا (1922-1977) پڻ ھڪ ھو. تاريخ جي تاريڪ ورقن مان ھن گوھر ناياب کي نروار ڪندڙ ٻيو ڪو نه پر منھنجو ساٿي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سيوھڻ جي سنڌي شعبي جو اسسٽنٽ پروفيسر علي اصغر اوٺو آھي. ھتي آئون سوچ پبليڪيشن سيوھڻ پاران سندس ايم فل جي ٿيسز کي فيبروري 2023 ۾ ڇپائي پڌرو ڪندڙ علي اصغر اوٺي جي ڪتاب “پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻي جي علمي ادبي خدمتن جو اڀياس” جو جائزو پيش ڪريان ٿو.
علي اصغر اوٺو بذات خود ھڪ خاموش جاکوڙي ڪردار آهي. سندس ھي تحقيقي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جي ٽڙيل پکڙيل ۽ تاريخ جي دز ۾ گم ٿيل علمي ادبي خدمتن ۽ پورھئي کي ھڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ ۾ يقيناً روپئي مان سورھن آنا ڪامياب ٿيو آهي. مير حاجن پنھنجي مھاڳ “اصغر کي ھن محنت تي داد ڏيڻ گھرجي” ۾ لکي ٿو ته ھن نوجوان محقق “سنڌ جي نامور عالم، اديب، محقق، شاعر، معلم، پروفيسر محبوب علي سيوھاڻي جي شخصيت، علمي خدمتن، تحقيقي مقدمن، مھاڳن، ديباچن، مقالن ۽ مضمونن تي ايم فل جو مقالو لکي چنا صاحب جي فن، فڪر ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو آھي… علي اصغر سندس اصلوڪن ڪتابن، ايڊٽ ڪيل ڪتابن، مرتب ڪيل ڪتابن، ڇپيل مضمونن ۽ اڻ ڇپيل مضمونن جو سھڻي نموني اڀياس ڪيو آھي.” ھڪ انٽرويو جي حوالي سان علي اصغر لکي ٿو ته پروفيسر محبوب علي چنا کي جڏھن ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي جي آڇ ٿي ته سندس پاران اھو چئي ان کي ٺڪرائڻ ته، “مان انھن رشوتي کاتن ۾ ڪونه ويندس، مون لاءِ ھي تعليم وارو کاتو بھتر آھي”. ان مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته علم ادب، تعليم ۽ تحقيق ئي چنا صاحب جون ترجيحات ھيون.
تخليق ۽ تحقيق جون دنيائون جيتوڻيڪ نراليون ۽ منفرد آھن پر منطقي ۽ تنقيدي جائزي جي لحاظ کان انھن جو تاڃي پيٽو جڏھن ھم آهنگ ٿئي ٿو ته ھڪ تخليقڪار ۽ محقق جو قلم ميسر معلومات، ذاتي تخليق ۽ تحقيق وسيلي انيڪ نقش نگار ۽ چتر چٽي وٺي ٿو. منهنجي دوست علي اصغر اوٺي جو ھي تحقيقي ڪتاب ۽ پورھيو پڙھندي بنا ڪنهن شڪ جي چوان ٿو ته پاڻ عميق عرق ريزي ۽ جفاڪشي سان تاريخ جي پاتال مان سماج جي شعور وندن لاءِ ھي گوھر ناياب ھٿ ڪري آيو آھي. علي اصغر اوٺي ھن ڪتاب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي سوانح، تعليمي ۽ تدريسي خدمتن کي اول ۾ جاءِ ڏني آھي؛ ان کان پوءِ سندس ڇپايل ڪتابن جن ۾ مخدوم نوح سرور رح جا سيھوڳي، سرمست درازي، اسلامي تاريخ جو مطالعو، ھڪ شخص ٻه پھلو، سنڌي ادب جا مختلف رجحانات ۽ مخدوم قلندر لعل شھباز مرندي شامل آهن، بابت تحقيقي تجزيو پيش ڪيو آھي؛ جڏهن ته سندس اڻ ڇپايل چار ڪتابن سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ، ياد اقبال (مفصل تذڪرو) ۽ ڪنز قادري (راضي فقير جي خيالن جو مرقع) جو جائزو ڏنو آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا جي 13 مرتب ڪيل ڪتابن بابت 48 صفحن تي مشتمل تحقيقي جائزو پڻ ھن ڪتاب جو حصو آهي، جن ۾ ھڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيل Ziaush Shahbaz پڻ شامل آھي. سوانح نگار جي حيثيت ۾ 13 تاريخي ڪردارن بابت چنا صاحب جون لکيل سوانح نگارين جي تحقيقي جائزي سان گڏ مختلف ڪتابن ۾ شامل چنا صاحب جي مقدمن، ديباچن، پيش لفظن يا ٻن اکرن بابت پڻ بحث ٿيل آهي. ھن ڪتاب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جا مذھب، لطيف، مختلف تاريخي ماڳن مڪانن ۽ ٻين موضوعن تي لکيل ۽ ڪانفرنسن ۾ پڙهيل مقالن بابت علي اصغر عرق ريزي ڪئي آھي ۽ تاريخ جا ھزارين صفحا اٿلايا آھن. ڪتاب جي آخر ۾ چنا صاحب جي پنھنجي شاعري ۽ کيس ڏنل منظوم ڀيٽا سان گڏ ريڊيو پاڪستان تان مختلف پروگرامن ۾ شموليت بابت مواد ڏنل آهي.
آخر ۾ ڪتاب جي ٻئين ڇاپي جي سڌاري لاءِ گذارش ڪندس ته مير حاجن جي وضاحت مطابق ھي ڪتاب علي اصغر اوٺي جي ايم فل ٿيسز مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، ان ڪري ٿيسز جو پھريون باب جيڪو تحقيقي طريقي ڪار متعلق ھو، اھو ھن ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي؛ ان ڪري ھي ڪتاب ٻئين باب کان شروع ٿئي ٿو، جيڪو غير مناسب لڳي ٿو. ايندڙ ڇاپي ۾ ٻئين باب کي پھريون ڪري پيش ڪيو وڃي ۽ اھڙي تبديلي سڀني بابن ۾ ڪئي وڃي ته بھتر ٿيندو. ان کان سواءِ باب چوٿون تمام ڊگھو ٿي ويو آھي، جنھن کي ٽوڙي ٽي يا چار ٻيا باب جوڙيا وڃن ته ڪتاب وڌيڪ سھڻو ٿي پوندو. ٻيو ته ڪتاب جي سٽاءُ جي بيهڪ پڻ اڻ وڻندڙ آهي، مکيه عنوانن جي ضمني عنوانن کي ٿورو انڊينٽ ڏئي رومن عددن بجاءِ بليٽ پوائنٽس ڏيڻ سان سٽاءُ وڏيڪ نکري بيھندو. باقي ڪتاب پڙھندي ڪٿي ڪٿي پروف جون غلطيون نظر اچن ٿيون، جن کي ٻئين ڇاپي ۾ درست ڪجي ته بھتر ٿيندو.
مجموعي طور جيڪڏهن ايئن چئجي ته علي اصغر اوٺي جو ھي علمي پورهيو پروفيسر محبوب علي چنا جي علمي ادبي خدمتن تي ايم فل جي سطح کان مٿي بلڪه پي ايڇ ڊي جي سطح جيترو آھي ته به ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. آخر ۾ آئون مير حاجن مير جي لفظن ۾ اھو چوندس ته، “سنڌ جي ادبي تاريخ لکندڙن پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي کي خاص اهميت ناھي ڏني پر اسان جي نوجوان محقق علي اصغر اوٺي چنا صاحب جي ڪيل تاريخي ڪم کي ظاھر ڪري کيس ھڪ عالم، استاد، شاعر، محقق، اديب ۽ مصنف طور ظاھر ڪيو آھي، جنھن سان پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻي جي شخصيت سنڌي ادب جي تاريخ ۾ امر ٿي پئي آهي”.