مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) سنڌ جون ڄايون قرآن پاڪ کڻي درياءَ تي پھچي ويون، گل نڇاور، سمورن سنڌين کي ڪئنالن خلاف اٿي کڙو ٿيڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ جا واسطا، خبر موجب مورو ويجھو سنڌو درياءَ جي ڪپ تي قائم ڳوٺ الھداد عالماڻي جون رھواسي عورتون مسمات شمشاد عالماڻي ۽ تبسم عالماڻي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي پهچي ويون، ان موقعي تي عورتن قران پاڪ جا واسطا ڏيندي سنڌ جي ماڻهن کي چيو ته هو سنڌوءَ تي ڪئنالن جي منظوري خلاف گهرن کان ٻاهر نڪري حق گهرن ۽ درياءَ کي بچائڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪن، عورتن اقوام متحدهه ۽ ٻين ادارن کي درياءَ بچائڻ لاءِ اپيل ڪئي، عورتن چيو ته جيڪڏھن اسان هاڻي به نه اٿياسين ته فلسطينين وانگر هڪ هڪ ٿي مارجي وينداسين، عورتن سنڌو درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪندي اگر بتيون ٻاريون ۽ گلن  جي ورکا پڻ ڪئي.