اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته 26 نومبر تي اسان جي ڪارڪنن کي گولي هنئي وئي. 200 کان وڌيڪ ڪارڪن گم آهن، 26 نومبر ۽ 9 مئي 2023ع جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺهڻ گهرجي، جيڪڏهن شرط پورا نه ٿيا ته سول نافرماني واري تحريڪ بابت عمران خان جو حڪم مڃيو ويندو. اسلام آباد ۾ پختونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ايم اي پي) جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي رهائشگاهه تي مخالف ڌر جي اتحاد سني اتحاد ڪائونسل ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو اجلاس محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا، عمر ايوب خان ۽ مجلس وحدت مسلمين جي سربراهه مولانا ناصر عباس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال، حڪومت سان امڪاني ڳالهين ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس ۾ 26 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي. اجلاس کان پوءِ سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي ساٿين کي 15 ڊسمبر جي شهيدن جي ڏهاڙي تي ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ لاءِ آيا آهيون. عمر ايوب چيو ته اسان جي ڳالهين واري ٽيم ۾ باني تحريڪ انصاف عمران خان ٻن ميمبرن جو اضافو ڪيو آهي، باني تحريڪ انصاف پنج ڊسمبر تي ڳالهين لاءِ ٽيم ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو. هن چيو ته ڳالهين لاءِ اسان جو پهريون مطالبو انهن واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ آهي. ڳالهين لاءِ اسان جو ٻيو شرط اهو آهي ته 9 مئي جي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪڏهن شرط پورا نه ٿيا ته سول نافرماني واري تحريڪ بابت عمران خان جو حڪم مڃيو ويندو. ان موقعي تي اسد قيصر جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته مخالف ڌر جي ٻين پارٽين سان به ڳالهايون، ڪارڪنن جي قربانين جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف استعمال ٿيندو. اسان ان خلاف ڪورٽ آف جسٽس وينداسين. قانوني مشاورت جاري آهي. اسان پنهنجو گهر، خاندان ۽ ڪاروبار تباهه ڪيو، اسان مثبت استحڪام لاءِ ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان پنهنجي شهيد ڪارڪنن جي قربانين کي نه وسارينداسين، ڳالهيون برابري جي بنياد تي ٿينديون. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر اسد قيصر ڳالهين بابت وضاحت ڪندي چيو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي ڀيڻ جي فاتحه لاءِ ويو هو، اڃا تائين ڳالهيون شروع نه ٿيون آهن. باني تحريڪ انصاف سميت سمورين قيدين کي آزاد ڪري جوڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي.