اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين تحريڪ ۾ شامل اپوزيشن پارٽين جو مصطفيٰ نواز کوکر جي رهائشگاهه تي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، سلمان اڪرم راجه، سيد زين شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سيد زين شاهه جو چوڻ هيو ته پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن ۾ انساني حقن خلاف قانونسازي ٿي، پيڪا ايڪٽ ۽ ايس آءِ ايف سي جهڙا مامرا سامهون آندا ويا، ڊرائينگ روم ۾ ويهي ڪمپني سرڪار پنهنجا منصوبا ٺاهي ٿي، هي ملڪ جي وسيلن تي قبضو چاهين ٿا، ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن، پاڻي نه ملڻ ڪري ڊيلٽا تباهه ٿي ويو آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ نالي زمينون وٺڻ تي سنڌ جي عوام روڊن تي آھي، صاحبزاده حامد رضا چيو ته تحفظ آئين تحريڪ جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آھن، مخالف ڌر جي پارٽين جي 5 مئي تي سنڌ ۽ 8 مئي تي ڪوئٽا ۾ اي پي سي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ جي اسد قيصر چيو ته ڀارت جو سنڌ طاس معاهدي مان نڪرڻ جو اعلان قابل مذمت آھي، اسان ان مامري تي قوم کي گڏائيندا سين، ڪئنالن جي مامري تي به قوم کي پاڻ سان گڏائيندا سين، سلمان اڪرم راجه چيو ته پارليامينٽ ۾ حقيقي نمائيندا هجڻ گهرجن، سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جا تحفظات ختم ڪرڻا پوندا.