
اسلام آباد: پي ٽي آءِ پاران سلامتي ڪاميٽي اجلاس جو بائيڪاٽ، نئين آپريشن جي به مخالفت ڪري ڇڏي، باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته افغانستان اسان جو دشمن ناهي، مسلمان ڀائرن سان ڇو وڙهي رهيا آهيو. اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. تفصيل موجب پاڪستان تحريڪِ انصاف قومي سلامتي جي پارلياماني ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عمران کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو شرط رکيو، تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته عمران خان سان صلاح مشوري کانسواءِ قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ويندي. پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي قيادت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. سڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن وقت ڪنهن به آپريشن جي حمايت نٿا ڪريون، عمران کي پيرول تي آزاد ڪري نيشنل ڊائلاگ ۾ شامل ڪيو وڃي، قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي مشاورت کانسواءِ پارٽي ڪيئن ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي؟ اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کانسواءِ ڪنهن به اجلاس جي ڪا اهميت نه هوندي، اسان هن غير آئيني وزيراعظم جي دعوت تي ڪيئن وڃون. علي ظفر چيو ته عمران کي جيستائين شامل نه ڪندا تيستائين حل نه نڪرندو، ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم ۽ باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته افغانستان اسان جو دشمن نه آهي، ان کي دشمن بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪريو، بنا سبب مسلمان ڀائرن سان ڇو وڙهي رهيا آهيو. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي، عمران خان جي ڀيڻ عليما خان ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي اخبار ۽ ٽي وي تائين رسائي حاصل نه آهي، جنهن سبب هن کي تازن واقعن بابت ڪائي ڄاڻ نه آهي، عليما خان موجب، عمران خان قومي سلامتي ڪاميٽي اجلاس بابت ٻڌائڻ تي چيو ته انڪري ئي سندس اخبار ۽ ٽي وي بند ڪئي وئي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سندس اجازت کانسواءِ اي پي سي ۾ شرڪت نه ڪندي، پارٽي قيادت منهنجي اجازت سان ئي قومي سلامتي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيندي. عمران جو چوڻ هو ته 2021ع تائين دهشتگردي گهٽجي وئي هئي، پر 2022ع ۾ ٻيهر وڌڻ لڳي، افغانستان اسان جو دشمن نه آهي، ان کي دشمن بڻائڻ مناسب نه آهي. عليمه خان موجب، عمران خان واضح ڪيو ته هو ملڪ ۾ آزادي، اتحاد ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ بيٺو آهي، جيڪڏهن جيل ۾ رهڻو پوي ته رهندو، پر اصولن تان نه هٽندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪيس رولڙي جو شڪار آهن ۽ ملاقاتن تي بندش آهي، ملڪ ۾ قانون نالي شئي ناهي. پي ٽي آءِ جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته سياسي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ عمران سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سلامتي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، پڌرائي ۾ چيو ويو ته تشدد جو غير قانوني استعمال اهڙو ڪينسر آهي، جنهن ۾ رياست پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ڪري ٿي، دهشتگردي جو مقابلو هڪ پيچيده، حساس ۽ سنگين مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي ۽ هوشياري جي ضرورت آهي. ملڪ اندر يا سرحدن تي جلدبازي ۾ نوان محاذ کولڻ يا پاڙيسرين سان لاڳاپا موثر رابطن ۽ سفارتڪاري بدران طاقت جي زور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش صورتحال ۾ وڌيڪ خرابي ۽ پيچيدگي جي اڳڪٿي ٿي سگهي ٿي، اندروني استحڪام آئين، قانون ۽ جمهوريت جي فوري بحالي سان مشروط آهي، سياسي پارٽين کي پسند ۽ ناپسند ۾ ورهائي، قوم کي سياسي تعصبن ۾ ورهائي دهشتگردي جهڙي وڏي چيلنج کي منهن ڏيڻ ممڪن ناهي.