اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ کي گڏ ويهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ سميت سڀني سياسي جماعتن کي چوان ٿو ته اچو هڪ ٿي وڃون ۽ پاڪستان کي عظيم بڻايون. اِن کان وڌيڪ ڪو ٻيو موقعو نٿو ملي سگهي. هن چيو ته مان اپوزيشن جي چيمبر ۾ انهن ساٿين سان ملڻ لاءِ تيار آهيان. اچو پوري دنيا کي ڏيکاريون ته اسان هڪ آهيون.