اسلام آباد(م ڊ) مخالف ڌر جي اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، جي يو آءِ ۽ عوام پاڪستان پارٽي سمورين جمهوريت پسند پارٽين جي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي ملڪ ۽ قوم کي بحران مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي. تحريڪ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي اپوزيشن اڳواڻن جي مان ۾ دعوت ڏني جنهن ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ، ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ ۽ هڪ قومي ايجنڊا جوڙڻ لاءِ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جوڙي جنهن جي سربراهي شاهد خاقان عباسي ڪندو، اسد قيصر، شبلي فراز، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، مصطفيٰ نواز کوکر، صاحبزاده حامد رضا، ساجد ترين، ناصر شيرازي، تلمند خان ۽ اخونزاده حسين کي ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويو. اڳواڻن هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ فوري طور شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي استعيفا ڏئي ۽ آزاد اليڪشن ڪميشن جوڙي وڃي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري بنيادي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي جي مذمت ڪندي عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن آءِ ايف ايف جي وفد جي چيف جسٽس سان ملاقات تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ان کان اڳ ان جو مثال نه ٿو ملي. اڳواڻن ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته جتي قانون جي حڪمراني ۽ عدل جو نظام نه هجي اتي معيشت ڪيئن بهتر ٿي سگهندي؟ ڏکيائين مان نڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو. اڳواڻن ڪي پي ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ ۾ امن مان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي هي وقت سياست جو نه پر ملڪ جي بقا جو آهي اسان کي سياست کان مٿاهون ٿي ملڪي سلامتي کي اوليت ڏيڻي پوندي.