تل ابيب(م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي اتحادي حڪومت قانون سازن جي اپوزيشن جي حمايت ڪوششن ان بچي وئي، پارليامينٽ ٽٽڻ کان بچي وئي، پرڏيهي خابرو اداري موجب قانون سازن اپوزيشن جي حمايت واري ان بل کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن سان فوري چونڊن جي راهه هموار ٿي سگهي پئي. 53 ميمبرن جي حمايت جي مقابلي ۾ 61 ميمبرن جي مخالفت سان بل رد ڪيو ويو. اسرائيلي پارليامينٽ ۾ ڪل 120 سيٽون آهن ۽ ڪنهن به قرارداد کي منظور ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 61 ميمبرن جي حمايت هوندي آهي. نيتن ياهو کان ناراض ڪٽر مذهبي پارٽين (الٽرا آرٿوڊوڪس) جا ميمبر آخر ۾ اپوزيشن جو ساٿ ڇڏي ويا، ميمبرن حڪومت کي ٽوڙڻ واري تجويز جي حمايت نه ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو. اپوزيشن جي ووٽنگ ۾ ناڪامي کانپوءِ هاڻي انهن کي ٻيهر اهڙو بل پيش ڪرڻ لاءِ ڇهن مهينن جو انتظار ڪرڻو پوندو.