اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عمر ايوب جي ايف 10 واري رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ پوليس کي هٿ نه آيو سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا،  اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته اي ٽي سي سرگوڌا منهنجا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا، جنهن بعد اسلام آباد ۽ ميانوالي پوليس منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو، هن چيو ته فارم 47 جي پيداوار وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ايجنسين سان گڏجي مون کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿيون. هن چيو ته  اپوزيشن اڳواڻ جي گهر پوليس بنا اجازت نٿي اچي سگهي اهو معاملو مان پارليامينٽ ۾ اٿاريندس. هن چيو ته سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ منهنجو ڪيس هلي رهيو آهي، نه نوٽيس ڏنو ويو نه ئي وري جاري ٿيل وارنٽ بابت ٻڌايو ويو، ڇاپي وقت گهر ۾ نه هئس. عمر ايوب چيو ته مون قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري کي به پوليس جي ڇاپي بابت آگاهي ڏني آهي جنهن چيو ته پوليس ڇاپي بابت اطلاع ناهي ڏنو ويو، عمر ايوب چيو ته  پي ٽي آءِ باني جي وزيراعظم بڻجڻ تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.