لاهور(م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي سياسي نه پر معاشي لانگ جي سخت ضرورت آهي. باني پي ٽي آءِ قومي مجرم آهي، ان کي هٽائي ايماندار قيادت سامهون آندي وڃي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مخالف ڌر پاڪستان جي ترقي سبب سخت پريشان آهن، هاڻي اها صورتحال ناهي، مخالف ڌر خالي ڪرسين سان ڪانفرنس ڪري رهي آهي. باني پي ٽي آءِ لنڊن مان ملندڙ چوري جو پئسو انهي چور جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سڄي پي ٽي آءِ کي هڪ ئي اميد آهي ته شايد آمريڪا کين ڇوٽڪارو ڏياري، اهو ته لطيفو آهي ته آمريڪا باني پي ٽي آءِ کي آزادي ڏياريندو، ان قسم جا لطيفا ماڻهو هاڻي سمجهي چڪا آهن، آمريڪا پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو، پاڪستان جو آئين ۽ قانون جو نظام آهي باني پي ٽي آءِ سياسي قيدي ناهي. عمران خان کي عدالت سزا ڏني آهي جنهن چوري ۾ هو پڪتو آهي دنيا جي ڪا به عدالت ان چوري کي سفيد نه ٿي ڪري سگهي.