چمن/پشين (م ڊ) اپوزيشن الائنس حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ  لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو بلوچستان ۾ پهريون پاور شو، پشين ۽ چمن ۾ اپوزيشن اتحاد جا جلسا ٿيا، جڏهن ته انتظاميا طرفان جلسي کان اڳ پشين ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. محمود خان اچڪزئي، عمر ايوب، اختر مينگل، لياقت بلوچ، صاحبزاده حامد رضا ۽ علامه راجا ناصر عباس  جلسي کي خطاب دوران حڪومت کي رد ڪيو، اڳواڻن چيو ته اپوزيشن الائنس ملڪ مان ٻٽي قانون جو نظام ختم ڪرڻ لاءِ بلوچستان مان تحريڪ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، مرڪز ۾ ٺهيل حڪومت کي  پاڪستان جي حڪومت نه ٿا سمجهون، هيءَ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي حڪومت آهي، ملڪ جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، اسان ملڪ ۾ جهاد لاءِ نڪتا آهيون، هي جهاد آئين جي بالادستي لاءِ آهي، پشين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني پارليامينٽ جي سڀ کان مضبوط پارٽي جو ليڊر آهي، پارليامينٽ مان ٺهراءُ پاس ڪرائي پي ٽي آءِ باني ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس ختم ڪرايا وڃن، هتي ڪير به ڪنهن جو غلام يا آقا ناهي، سڀ برابر آهيون، عوام جي طاقت سان انقلاب آڻڻو پوندو، هن چيو ته اسان جو اتحاد حڪومت ڪيرائڻ لاءِ نه پر آئين جي بالادستي لاءِ آهي، آئين جي بالادستي لاءِ يقين رکندڙ پاڪستانين کي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيان ٿو. محمود اچڪزئي چيو ته قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي ماڻهن کي گولي هنئي ويندي آهي پر آئين جي لتاڙ تي جرنيلن کان ڪير ناهي پڇندو جڏهن ته آئين جي لتاڙ سڀ کان وڏي غداري آهي، پاڪستان ۾ آئين ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪرڻي پوندي، جيڪو به جج، جنرل، جرنلسٽ يا ڪو ٻيو ان کي تسليم نه ڪندو ته اسان ان کي مرده باد چونداسين، هن چيو ته ڪنهن به سويلين يا فوجي اداري جي سربراهه جي مدي ۾ واڌ قبول نه ڪنداسين، هن وقت پاڪستان ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت ناهي پر اها اسٽبلشمينٽ ۽ فارم 47 جي حڪومت آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته تحريڪ ذريعي پنهنجو آئيني حق وٺنداسين، آئين ۽ قانون تي عمل ٿيو ته پي ٽي آءِ باني سوڌو ٻيا آزاد ٿي ويندا، آئون حڪمرانن کان پڇان ٿو ته اوهان کي خوف ڇا جو آهي؟ اسان جهاد تي نڪتا آهيون، پنهنجا حق وٺڻ، پنهنجي آئين جو تحفظ ڪرڻ جو جهاد آهي، اختر مينگل چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فارم 47  واري حڪومت کي نٿا مڃون، بلوچستان ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو، جِن کي پاڙي وارا به نه سڃاڻيندا آهن، حق ملڻ ۽ آئين جي بالادستي تائين تحريڪ جاري رکي ويندي. پشين ۾ اپوزيشن الائنس جي جلسي کي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندا آهيون ته قلم 144 لڳايو ويندو آهي، جن سياسي ورڪرن کي قدرتي حالتون نه روڪي سگهيون ته قلم 144 ڪيئن روڪيندو؟ برسات باوجود عوام جلسي ۾ شريڪ ٿيو. هن چيو ته توهان هڪ ڪڪڙ چور ۽ موٽر سائيڪل چور کي پڪڙي سگهو ٿو پر ملڪ ۾ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، هن چيو ته جڏهن اسان گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪندا هئاسين ته ماڻهن کي يقين نه ايندو هو، اسيمبلي ۾ گم ٿيل ماڻهن جو ذڪر ڪندا هئاسين ته ماڻهو اسان تي ٽوڪ ڪندا هئا، اختر مينگل چيو اڄ جنهن تحريڪ جي شروعات ٿي آهي، ان جو ڪريڊٽ مشتونخوا ميپ کي وڃي ٿو، اسان جي تحريڪ آئين جي بالادستي ۽ حق حاصل ڪرڻ تائين جاري رهندي، اسان جي سياسي ڪارڪنن سخت ترين مارشل لا جو مقابلو ڪيو، ظلم ۽ ڏاڍ باوجود سمجهيو ويندو آهي ته اسان چُپ رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان جا سمورا ادارا عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪندي پنهنجي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن، جڏهن ته چمن ۾ ٿيندڙ جلسو واري جي طوفان سبب متاثر رهيو، تيز هوائن ۽برسات دوران اڳواڻن خطاب ڪيو، عمر ايوب محسن نقوي کي مصنوعي گهرو وزير قرار ڏنو، شير افضل مروت چيو ته  ملڪ ۾ ڏاڍ واري حڪومت قائم آهي، عمران خان گذريل اٺن مهينن کان ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ بند آهي، عمران خان ۽ سندس گهرواري جي ڪردارڪشي ڪئي وئي.