اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 5 ڄڻا زخمي

0
44
اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 5 ڄڻا زخمي
اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ، 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 5 ڄڻا زخمي

اٽڪ ۾ اسڪول وين تي هٿياربندن جي فائرنگ  ۾ 2 معصوم ٻارڙا شهيد ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعو ڍيري ڪوٽ واري  علائقي  ۾ پيش آيو

هٿياربندن اسڪول  وين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻار  شهيد ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا، ٻارڙن جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس پاران علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي

 ڊي سي اٽڪ جو چوڻ آهي ته اسڪولي وين جي ڊرائيور جي ذاتي دشمني هئي، ان ڪري وين کي نشانو بڻايو ويو، معاملي جي وڌيڪ جاچ هلي رهي آهي

 صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران واقعي جي مذمت، صدر آصف علي زرداري چيو ته معصوم اسڪولي ٻارڙن کي نشانو بڻائڻ انتهائي ظالماڻو ۽ شرمناڪ عمل آهي، جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

 وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائيندڙ انسان سڏائڻ جا به حقدار ناهن، بربريت جو مظاهرو ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن

 پنجاب جي سي ايم مريم نواز  به اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر راولپنڊي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي

 مريم نواز طرفان  فائرنگ واقعي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي ڏک جو اظهار، زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي