لاهور (م ڊ) اٽڪ ضلعي ۾ اربين رپين جي ماليت جا ذخيرا دريافت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي، ان سلسلي ۾ معدنيات وارو وزير شير علي گورشاڻي چيو ته اڄ وزيراعليٰ مريم نواز کي سون جي ذخيرن بابت بريفنگ ڏني ويندي، سوني جا ذخيرا ڪڍڻ لاءِ حڪومت عالمي سطح تي نيلامي جو فيصلو ڪندي، فيبروري 2024ع ۾ ان وقت جي صوبائي وزير ابراهيم حسن مراد دعويٰ ڪئي هئي ته اٽڪ وٽ سنڌو درياءَ مان سون جي اربين ڊالرن جو ذخيرو موجود آهي، جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جي رپورٽ مڪمل آهي، پليسر گولڊ جي 9 بلاڪس جي نشاندهي ٿي چڪي جن جي جلد نيلامي ڪئي ويندي.