اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. سڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف چيئرمين جو اٽڪ جيل ۾ ٽرائل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جو قانون واري وزارت باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم جي 9 وڪيلن کي اٽڪ جيل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جڏهن ته سائفر ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي ٽيم به اٽڪ جيل ۾ موجود هئي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس 27 سيپٽمبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جاري ڪيل فيصلي موجب عدالت پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کان اٽڪ جيل اختيارين جي رويي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي عمران خان اٽڪ جيل انتظاميا جي رويي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين اِهو به چيو ته هو اٽڪ جيل ۾ محفوظ آهي. عدالت جيل سپرنٽنڊنٽ کي جيل مينوئل تحت عمران خان کي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي ۽ اِهو به حڪم ڏنوته جيل سپرنٽنڊنٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي صحت لاءِ تمام سهولتون مهيا ڪري .فيصلي موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين جي بشريٰ بي بي سان ڌار ملاقات جو وقت وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي جنهن تي اٽڪ جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. عدالتي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته جاچ آفيسر طرفان سائفر ڪيس جو چالان اڃا تائين جمع ناهي ڪرايو ويو، چاج آفيسر چالان جمع ڪرڻ لاءِ وقت گهريو آهي، جاچ آفيسر کي چالان ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 26 سپٽيمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.