اٽو مهانگو غريب جي زندگي سسَتيءَ! … هرسنگ ڪولهي جو اداس لاش !

0
39
اٽو مهانگو غريب جي زندگي سسَتيءَ! ... هرسنگ ڪولهي جو اداس لاش !

ميرپورخاص جي سرد فضائن ۾ هڪ پورهيت ۽ مزدور جو لاش سمورو ڏينهن انصاف لاءِ وانجهائيندو رهيو. انصاف! لفظ پنهنجي جوهر ۾  بدبوءِ ڪري چڪو آھي. هي لفظ ڪرپٽ ۽ سفيد پوش وحشين لاءِ گلي جو هار بنجي ويو آھي. اڄ هرسنگ جي موت جي خبر هر ماڻھو جي وجود کي ڊسمبر جي سرديءَ وانگر ڪنبائي ۽ ڏڪائي رهي هئي. اڄ ميرپورخاص جي روشن گهٽين ۾ هرسنگ جو لاش ڪنهن سفيد پوش ڪاموري کي نظر نه آيو! هي اهو لاش آھي، جنهن کي نصيب ۾ ست نياڻيون آھن. هي اهو بدنصيب والد آھي جنهن ڏھه ڪلو اٽو وٺڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي حياتي انهن نياڻين جي پيٽ جي بک ختم ڪرڻ خاطر قربان ڪري ڇڏي! اٽو جنهن کي ملڪ جي سرمائيدار طبقي پنهنجي ضبط ۾ ڪري ڇڏيو آھي. سرمائيدار انسان دشمن هوندو آھي. هُو هڪ رهزن ۽ وحشي هوندو آھي. جيڪو پئسي کي سڃاڻي ٿو. سرمائيدار جو دنيا ۾ هڪ ئي رشتو هوندو آھي، اُھو آھي پئسو! سرمائيدار جو اصلي اولاد پئسو هوندو آھي هُو جسماني اولاد هوندي به بي اولاد هوندو آھي!

اڄ ميرپورخاص جي آڪاس تي پکي اداس هئا. ها پکي انسانن جي موت تي اداس ٿيندا آھن. خاموش ناهن ٿيندا اُھي قطارن ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندا آھن. اُھي پکي جن جي ٻوليءَ انسان نه ٿو سمجهي سگهي! پر هُو انسان جي هر سڃاڻپ رکن ٿا. اُھي پکي چئي رهيا هئا ته اسان انسانن کان بهتر آھيون! اسان پنهنجي ٻچڙن جي پيٽ جي بُک خاطر ايئن ماريا نه ٿا وڃون. ها! اڄ انهن پکين جي ٻولي ۾ اُھي صدائون نه هيون. ڪوئل ڪنهن ٽٽل ٽاريءَ تي روئي رهي هئي. ھُو چئي رهي هئي ته هرسنگ ڪوهلي جي انهن ستن نياڻين جي جيون جو ڇا حشر ٿيندو!؟ جن نياڻين جا اڃان پنهنجو والد هٿ ميندي سان ڳاڙھا ڪرائي ها. هنن نياڻين جي هڪ لڙڪ جو وزن حڪومت سمجهي سگهي ته شايد! ٻڏُي مرڻ لاءِ پاڻي تلاش ڪري…هرسنگ جنهن جون ست نياڻيون! انهن ستن نياڻين جي ستن خاندانن سان انصاف ڪير ڪندو؟ اُھي نياڻيون جيڪي اڄ پنهنجي والد جي لاش جي چئوگرد ڏُک مان پار ڪڍي ميار ڏئي رهيون آھن ته…بابا اسان بُک تي ئي صحيح هيون سين تو شهر وڃي ٺڳن جي اٽي سبب اسان کان ڇو جدا ٿيا آھيو…اهي پار صرف پار ناهن! اهي پارَ هڪ خاموش بدعائون آھن. اهڙيون بدعائون جيڪي ستارا ٽوڙي سگهن ٿيون!

اڄ ميرپورخاص جي باغيچن ۾ باغ جو هر پن اداس ۽ ويران آھي. اهي باغ جنهن ۾ ٿيندڙ انب دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين وڃن ٿا. انهن باغن جون ٽاريون پاڻ کي ٽُٽل محسوس ڪن ٿيون. اهي انب جنهن کي پيار مان سنڌڙي چئون ٿا. سنڌڙي انب پاڻ تي حيران آھي ۽ چئي رهيو آھي. هرسنگ تون امير ضلعي جو اُهو غريب پورهيت آھين جنهن پيٽ جي بُک خاطر زندگي جا سڀئي رنگ ڊاهي ڇڏيا. ها! اڄ انهن باغيچن جي وڻن تي ويٺل مور به اداس ۽ غمگين آھن. مور جيڪو خوبصورت تصور ڪيو وڃي ٿو! پر مور انسان کي وڌيڪ خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو…اُھو ئي مور روئي روئي چيو رهيو آھي ته انسان لالچي آھي. هُو پنهنجي ڀاءُ انسان کي پنهنجي مفاد خاطر ماري ٿو! مورن احتجاجن اڄ پنهنجا پر ڪڍي رقص نه ڪيو!

اڄ ميرپورخاص ۾ اھي انسان ڏاڍا روئي رهيا آھن، جيڪي غريب هوندي احساس رکن ٿا، انسان ۾ ايمان رکن ٿا، سچ کي جيت سمجهي ڪوڙ ٺڳي کان جنگ ڪن ٿا. اُھي انسان پنهنجي اندر کي گنگا ندي جهڙو اجرو رکن ٿا. اهي انسان ماڻھپي جو قدر ڪري ڏُکن سکن ۾ جيئن ٿا. اُھي ڏاڍا غمگين ۽ اداس آھن.

اڄ ميرپورخاص ۾ انهن يتيم ٻارڙن جو گهر وڌيڪ روشن ٿيو آھي. جيڪي بُکن اڃن تي پنهنجي والدين جي ساٿ ۽ احساس کي ساري جيئن ٿا. جن لاءِ خوشين جو لفظ نئون نڪور آھي. خوشين جي مفهوم کان لاتعلق آھن. اُھي ٻارڙا جن جي احساسن کي ڪنهن ڏنگيو هجي! اُھي اڄ هرسنگ جي انهن ستن نياڻين جا دُک درک سمجهي سگهندا جيڪي دردن پيڙائن ۽ بنا ڪنهن سهاري جي زندگي جي وزني گاڏي کي پنهنجي کوکلي ڪلهن تي سنڀالي هلن ٿا ۽ جيئن ٿا.اڄ ميرپورخاص ۾ ودوائن جي گلي ۾ هر طرف ودوائن جون نماڻيون اکيون سوڳ ۾ ورتل آھن! ودوائون جيڪي اندر ۾ ڪاتين جي تيز وهڪرن جا وڍَ سانڍي منهن تي مرڪون رکي جيئن ٿيون! اهي ودوائون هرسنگ جي زال کي ڀاڪر ۾ ڀيڙي! لڙڪن کي بنا روڪي اوڇنگارون ڏئي چئي رهي هيون ته “پتي ديو جو وڇوڙو، جيون جيڏو وڏو ڏُک هوندو آھي” اهڙو ڏُک جيڪو ڪڏھن پراڻو ٿيندو ئي ڪونهي. پتي پرميشور هوندو آھي. پتي گلي جي هار کان وڌيڪ سهڻو هوندو آھي! هرسنگ جي زال توکي اڄ خبر پوندي ته ڏُک ڪهڙي عذاب جو نانءُ آھي! توکي تنهنجن نياڻين جي ڏيج خاطر جيئڻو آھي. ڏيج جنهن جو وزن هرسنگ تنهنجن هنن خالي ڪلهن تي رکي ويو آھي! هُو ته اوهانجي بُک جي اٽي خاطر ويو هليو…اهي پڻ چئي رهي هيون ته “بڙا هي درد ڪا رشتا، يه دل غريب سهي!”

اڄ ميرپرخاص جون بازارون به ڏکايل هيون! اُھي بازارون جيڪي ڪنوار جيان ٻھڪندڙ ھونديون آھن. اڄ انهن بازارن ۾ هرسنگ جيئن نياڻين جون آڱريون جهلي وٺي هلڻ وارا نه هئا! اُھي خاموش هيون. بازارن ۾ ايندڙ ويندڙ هر زبان، بي زبان هئي! هرسنگ جيڪو سالم هيو، جيڪو غريب پورهيت مزدور هيو. اهڙو غريب جنهن پنهنجي زندگي غربتُ جي نانءُ ڪري ڇڏي…اڄ ميرپورخاص جا اهي چُلھه ويران آھن. جن چلھه جي چئوگرد هرسنگ جهڙا والد پنهنجن نياڻين جي بي پناھه پيار مان ماني ڳڀو ٿي ورتو! اڄ اُھي آڱريون اداس ۽ پريشان آھن. جن آڱرين پنهنجي غريب بابا کي امير پيار ڏنو…انهن آڱرين جا هٿ اڄ ڪيئن انهي اٽي کي ڳوهي ماني گهڙي هوندي! جنهن اٽي سندس والد جهڙو عظيم احساس ۽ رشتو کسيو هجي…انهن آڱرين کي ضرور رحم آيو هوندو پر اُھي مجبور آھن! اڄ ميرپورخاص ۾ اُھي قبرستان به رنا هوندا جن هرسنگ جي موت جي ڀيانڪ خبر ٻڌي هوندي!  ها…هرسنگ جي موت جو سبب ڪهڙو به آھي/هجي؟ هتي زبان! بي زبان بنجي وڃي ٿي…پر هر غريب جي زبان چئي ٿي ته اٽو مهانگو غريب انسان جي زندگي سستيءَ آھي..!