ڪراچي (نمائندن وٽان) اٽو سستو نه ٿيڻ خلاف عوام سراپا احتجاج آهي. ان سڏ ۾ حيدرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي پارٽين پاران اٽي مهانگائي ۽ منافعي خور واپاررين خلاف ڪارروائي لاءِ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سرمد سميجو، سيد حسنين شاهه، سنجها چنا، اقبال خان، پارس جان ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري غريب عوام کان ٻن ويلن جي ماني کسي وئي آهي. ميرپوربٺورو ۾ اٽي ڪڻڪ جو اٽو 160 رپيا في ڪلو وڪامجي رهيو آهي.  ٻئي طرف  کاڌي پيتي جي ٻين اسمن ۾ واڌ ٿيڻ سبب گيھ جي اگهه ۾ هڪدم في ڪلو تي 60 رپيا واڌ ٿي ويئي آهي جنهن سبب 380 رپيا في ڪلو وڪامجندڙ گيھ جو اگهه 440 رپيا ٿي ويو آهي، مال جو چارو بسي جو 25 ڪلو وارو ڪٽو 600 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 1900 رپين ۾ وڪامجي رهيو آهي. اگهن ۾ واڌ بابت واپاري ايسوسيئيشن جي صدر عبدالغفور ميمڻ ٻڌايو ته اسٽاڪ ٿيل ڪڻڪ جاري نه ٿيڻ ڪڻڪ جي کوٽ جو سبب آهي. هوڏانهن ماتلي شھر جي يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو اڻلڀ ٿي ويو آهي. جڏهن ته دڪانن تي اٽو 140 کان 150 روپيه في ڪلو وڪامڻ لڳو آهي. شھرين زاھد ، ڪامران واحد بخش ۽ ٻين دانھيندي چيو ته کاڌي پيتي جي ڪابه اھڙي شيء نه آھي جيڪا غريب خريد ڪري سگھي ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھن حڪومت پاران سستي اٽي جو اعلان ڪيو آھي پر عوام کي ھڪ ڪلو به اٽي نه مليو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ماتلي جي يوٽيلٽي اسٽورن اٽي نه ملڻ جو نوٽيس وٺي شھرين کي سستي اٽي فراھمي يقيني بڻائي غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراھم ڪيو وڃي. تلھار تعلقي جي ٻيو نمبر وڏي شهر راڄوخاناڻي ۾ به مھانگي اٽي جي وڪري ، سستي اگهه واري اٽي جا اسٽال قائم نه ڪرڻ خلاف ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ۾ ھليل خبرن جو پ پ ايم پي اي حاجي مير الله بخش خان ٽالپر نوٽيس وٺندي ڊي سي بدين ۽ اي سي تلھار کي اسٽال لڳائڻ جي ھدايت ڪئي. ٽنڊوالهيار ۾ پي ٽي آئي . جسم . مجلس وحدت مسلمين . عوامي ورڪرز پارٽي ۽ شهرين پاران پريس ڪلب آڏو الڳ الڳ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا