ڀرياروڊ(ن پ ا) اٽلي ۾ ٿيندڙ اسپيشل ورلڊ ونٽر گيم جنهن ۾ 115 کان وڌيڪ ملڪن جي مقابلن ۾ ڀرياروڊ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ نوجوان صبور احمد ولد احمد سنڌي 400 ميٽر ريس کٽي گولڊ ميڊل حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪري ڇڏيو آهي. ھن موقعي تي دنيا ۾ پھرين پوزيشن ماڻيندڙ صبور احمد جي والد احمد سنڌي ٻڌايو ته ھو الله تعالي جو شڪر گزار آهي جنهن سندس پٽ صبور احمد جي ڏينهن رات جي محنت رنگ لاتو ۽ اڄ سموري دنيا ۾ نه صرف ڀرياروڊ پر پاڪستان سميت والدين جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي، ھن ٻڌايو ته صبور کي بچپن کان ئي راندين ۾ گھري دلچسپي رکندو ھو ان کان اڳ به ھن پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ ٿيندڙ راندين جي مقابلن ۾ نمايان پوزيشن جو مظاهرو ڪري چار چنڊ لڳايا آهن ۽ ھاڻي الله تعالي جي فضل ڪرم سان اٽلي ۾ ٿيندڙ اسپيشل ورلڊ ونٽر گيم ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي سندس جي دعا آهي ته الله تعالي صبور کي اھڙي ڪاميابيون ماڻيندو رھي ٻي پاسي ھن خوشي جي موقعي تي ڀرياروڊ ۾ صبور جي مٽن مائٽن کان علاوا ڀرياروڊ جي شھرين ۾ پڻ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي