موهن جو دڙو (ن پ ا) اٽلي جو 12 ڄڻن جو وفد سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو، اٽلي جي وفد ڊي ڪي ايريا، ايچ آر، اسٽوپا، گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا، پرڏيهي وفد کي موهن جو دڙو تي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وفد جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، ان جو اندازو تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، هنن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا، آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو، سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، پرڏيهي وفد جي آمد دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.