اٺ سالن کان زندگي ۽ موت سان وڙهان پيو، علاج ڪرايو: پوليس هٿان اپاهج ٿيل ديپڪ ڪمار جون عدالت ۾ دانهون

0
197
اٺ سالن کان زندگي ۽ موت سان

ڪراچي: پوليس هٿان جڙتو مقابلي ۾ اپاهج ڪيل ديپڪ ڪمار جو علاج نه ٿيو، عرصي کان معذوري جي زندگي گهارڻ تي مجبور آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ديپڪ ڪمار جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ٿيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ديپڪ ڪمار ۽ سندس وڪيل پيش ٿيا

ديپڪ ڪمار جي وڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم تي سنڌ سرڪار مڪمل علاج جي خاطري ڪرائي هئي، عدالتي حڪم باوجود سنڌ سرڪار علاج ناهي ڪرايو

درخواست تي ٻڌڻي دوران ديپڪ ڪمار لڙڪ لاڙي ويٺو، هُن معزز جج آڏو دانهيو ته آئون گذريل 8 سالن کان  زندگي ۽ موت سان وڙهي رهيو آهيان

عدالت درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت علاج نٿي ڪرائي ته توهين  عدالت جي درخواست داخل ڪرايو

ھي به پڙھندا

ملير واقعو: اهي منظر بيان نٿي ڪري سگهان:جوابدار جي امڙ جون دل جهوريندڙ ڳالهيون