سينچورين(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو بي سي سي آءِ طرفان ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ واري معاملي تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي ته جنهن ۾ هڪ همراهه چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه وڃڻ بابت ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادو کان سوال ڪري رهيو آهي. مداح انتهائي احترام سان ڀارتي ٽيم جي ڪپتان کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان ٻڌائي سگهو ٿا ته ڀارتي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان ڇوانڪار ڪري رهي آهي؟ جنهن تي سوريا ڪمار مرڪندي وراڻيو ته ” اِهي معاملا اسان جي هٿ وس نه آهن.“ واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار بعد ميگا ايونٽ غير يقيني جو شڪار ٿي ويو آهي. هڪ پاسي هائبرڊ ماڊل جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن .