اُڻائي به وئي، پُڻائي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ!

0
70
اُڻائي به وئي، پُڻائي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ!

 شهرتَ محنتَ جي ڌيءَ آهي. بُکَ جا گهڻائي قسمَ ٿيندا آهنِ، پر بُکن جون مختلف موسمون هونديون آهن. ڪنهن موسم ۾ ڪا بُکَ پروان چڙهندي آهي ته ڪنهن موسمَ ۾ ڪا، ايئن ئي موسمن جا به مختلف قسمَ هوندا آهن. ڪنهن وقت ڪا موسمَ پروان چڙهندي آهي ته ڪنهن وقت ڪا.

                 ڳالھ نه جسماني بُک جي ڪنداسين، نه روحاني بُکَ جي، ڳالھ ڪنداسين ذهني بُکَ جي. جسماني بُکَ قرباني گهرندي آهي خوراڪ جي. روحاني بُکَ قرباني گهرندي آهي نفسانيت جي. ذهني بُکَ قرباني گهرندي آهي فرحتَ جي. ٽنهي بُکن ۾ اگر طلبِ ضرورتَ يا حسبِ ضرورت جي صحيح سُڌ نه هجي ته نتيجو “اُڻائي به وئي، پڻائي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ” نڪرندو آهي.

                 سستين شين جا سائيڊ افيڪٽ هوندا آهن، اهو اسان اوهان سڀني کي معلوم هوندو آهي، پوءِ به خريد ڪندا آهيون، تڏهن جڏهن مهانگي جي ضرورت هوندي آهي، پهچ ناهي هوندي. نتيجتن شارٽ ڪٽ ۾ اڪثر نيٺ “اڌُ ڇڏي سڄي لاءِ ويو، ان جو اڌُ به ويو” واري رزلٽ ايندي آهي. ان ڪري شُهرت محنتَ جي ڌيءَ آهي. محنتَ کان سواءِ ماڻيل شُهرت پاڻيءَ جو بڙبڙو آهي، کير جو اُٻار آهي. جيترو تيزي سان اڀامندو، ايترو تيزيءَ سان جهڪو به ٿي ويندو.

ننڍپڻ ۾ کوڙ ڳالهيون ٻڌندا هئاسين ته فلاڻي جڳهه تي فلاڻي ماڻهوءَ جي مينهن چوري ٿي، ٻڪري چوري ٿي، زيور چوري ٿيا، گهر جي ڀت کي کاٽ هڻي چور اَلھَ تلھَ کڻي ڀڄي ويو. پوءِ چور جي ڳولا شروع ٿيندي هئي. چڱا مڙس پيري سڀ گڏ ٿيندا هئا. سموري نه ته اڌ، چوٿائي چوري ورندي ضرور هئي. پر جڏهن کان اسان اکِ پٽي آهي، چوري جو دور ناهي ڏٺو. نه پاڙي ۾ ڪو هل هنگامو، نه راڄ شهر ۾. چورن جا ته ڄڻ ناياب پکين وانگي نسل ئي ختم ٿيندا پيا وڃن. وڏي ڳالھ ته چورن جا به ڪجهه اصول هوندا هئا. چوري جا به قانون قاعدا هوندا هئا، پر جيڪو دور اسان جو شروع ٿيو آهي، اهو چوري سينا زوري جو دور آهي. ڏينهن ڏٺي جو وچَ چوراهي سرعامُ ڪو موبائيل ٿا ڦريو وڃن، نقد ٿا ڦريو وڃن، کيسا ٻُهاري هليا ٿا وڃن. ماڻهوءَ جي ورَ ۾ به سڪو نٿا ڇڏين، اهڙو جو ڀاڙو ڀُتو ڪري گهر پھچي. پوءِ چڱو ڀلو ماني مڇيءَ وارو ڪشڪول کڻيو روڊ تي بيٺو هوندو آهي. ڇا جا اصول، ڇا جا قانونَ قاعدا، ڏي ته ڏي، نه ڏي ته گولي لونڌڙيءَ مان پار. نه چور جو پتو، نه پير جو پتو.

ادبُ سماجَ جو حصو آهي، سماجَ کي ادب جو حصو بڻائڻ جي جستجو جو گونگو نعرو هنيو ٿو وڃي. ساڳي اها ئي ريتِ ادب ۾ اپنائي وئي آهي. هڪ ته چوري، ٻي سينا زوري. هيءَ موسمَ آهي شهرتَ جي بُکَ جي. شهرت ذهني بُکَ آهي، جيڪا فرحت گهري ٿي. فرحت جي حاصلاتِ صرف علم جي نچوڙ ۾ آهي. عالمَ جي ليبر ۾ ناهي، ان ڪري طلبِ ضرورت يا حسبِ ضرورت جي سُڌِ کان بي سُڌِ هن بک جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

هن بُکَ جي تاريخ ته پراڻي آهي، پر (سوشل ميڊيا جي پليٽ فارمن ان کي پروان چاڙهيو آهي) شُهرتَ جي مٺي ماکي چکڻ لاءِ مانارن ۾ منهن وجھڻ کان ڪير نه پيو ڪيٻائي. منهن سُڄي ته سُڄي پر سامهون هجي. جيترو وقتُ ذهن ۽ صلاحيتَ شارٽ ڪٽ تي ضايع ڪئي ٿي وڃي، ايتري مطالعي، مشاهدي ۽ پرک پروڙ تي لڳائي وڃي ته هن بُک جي مفهومَ کي سمجهي حسبِ ضرورت يا طلبِ ضرورت جي سُڌِ پئجي وڃي، پر نه! کپي ته هاڻي کپي، تڪڙي تکي کپي، ڪيئن به اچي، ڪٿان به اچي، ڇا به وڃي.

هن بُکَ جي وبا جو نوجوان نسل تي تڪڙو حملو ٿئي ٿو/ٿي رهيو آهي، جيڪا سنڌي ادب لاءِ نهايت افسوس جي ڳالھ آھي. سستي شهرت پويان غلط رستن طريقن جي چونڊ ۾ محنتَ جو جذبو ختم ٿي رهيو آهي. مطالعي مشاهدي جو رجحان گهٽجي ويندو، بک جي شدت خوراڪ جي حاصلاتِ لاءِ صحيح غلط جي استعمال جو فرق ڀلجي ويندي. راتو رات اُڀ ڇھڻ لاءِ آسان ۽ شارٽ ڪٽ رستا ورتا ٿا وڃن. اهو سمجهڻ بنا ته سستي شهرتَ جي ڦوڪڻي ۾ جيتري گهڻي هوا ڀربي آهي، ايترو جلد ڦاٽندو آهي ۽ ڦاٽڻ کان پوءِ سندس دائمي قابليتَ جون به اڳڙيون اڏري وينديون آهن. کين سوچڻ سمجهڻ گهرجي ته مقبوليتَ ۽ ساراهه ڏانهن ويندڙ اڻانگي رستي جي چونڊ ڪن، جنهن ۾ ڏکن، ڏولاون تنقيدن، رڪاوٽن رسواين کان پوءِ جيڪا منزل ملندي آهي، اها نج نبار منزل ئي اصل منزل آهي، جنهن ۾ نه ڪو خوف آهي، نه ڪا پشيماني، بلڪه علم جي اُڃَ جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تشنگي ناماچاري جي بک جون پاڙون پٽي ڇڏيندي آهي. ذهني بُک فرحت گهري ٿي، فرحتَ جي اصل حاصلات خوبصورت مقصدن ۾ آهي. ناجائز غير اخلاقي غير ادبي طور طريقن سان حاصل ڪيل شهرت عرش تي چاڙهي فرش تي ڪيرائڻ ۾ دير ناهي ڪندي، ۽ ان کان پوءِ شارٽ ڪٽ لاءِ وڃايل جذبو، احساس، اخلاق، توانائي سڀ ضايع ٿي ويندا آهن، پلئه پوندو آهي ته خواري ۽ پشيماني، تنهن کان پوءِ اُڻائي به وئي، پڻائي به وئي، وري ڪپھ جي ڪپھ!!