اُڀري پيو ڪربلا ۾ دردن جو سج! … اي شهزادا! تُنهنجي شهادت آسمان کي به روئاڙي ٿي…!!

0
18
اُڀري پيو ڪربلا ۾ دردن جو سج! ... اي شهزادا! تُنهنجي شهادت آسمان کي به روئاڙي ٿي...!!

جنهن ماءُ جي جهوليءَ مان مُسڪرائيندڙ ٻار جهڙي خوشي ختم ٿي ويندي آهي، ته اُن ماءُ جي هنج جهرڪيءَ جي خالي آکيري جهڙي ٿي پوندي آهي. ٻار ماءُ جي هنج جي زينت به آهي، ته راند به آهي، دل ۽ اکين جو ٺار به آهي، خصوصن جنهن گهر ۾ ننڍڙو ٻار هوندو آهي، اُن گهر ۾ سڀني ڀاتين جو سڄو ساهه اُن ۾ ئي اَٽڪيل هوندو آهي. ماءُ نماڻي ته پئي اُن کي ڏسي اکين ۾ سندر سپنا اُڻندي آهي. جڏهن ڪوئي خطرناڪ خوفائتو، ڀوائتو خواب ڏسي وجهندي آهي ته سندس دل تڙپي ويندي آهي. صبح ٿيندي ئي اُن جي تعبير ڪرائيندي آهي ۽ هر هر دل ۾ پئي چوندي آهي ته شال! اُهو خواب ڪوڙو هجي…. اُن وقت کانپوءِ ماءُ جو سڄو خيال پنهنجي معصوم ٻار ۾ ٿي ويندو آهي.

                 ماءُ جڏهن ڪنهن اڙانگي سفر ڏانهن اسهندي آهي ته ماءُ کي ئي معصوم ٻار جي کاڌ خوراڪ جو فڪر ڪجهه سوايو هوندو آهي. اهڙي سمي ماءُ ڪجهه وڌيڪ ئي فڪرمند ٿي پوندي آهي. اهڙي اڙانگي/ڊگهي سفر شروع ڪرڻ کانپوءِ جيئن ئي ٻار جي کاڌ خوراڪ ۾ ڪمي ايندي ويندي ته تيئن ئي ماءُ جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن به شيءِ جي ڪائي پرواهه نه هئي ته صرف اُن پياسي شهزادي، ابهم علي اصغر عليه السلام جي امڙ سانئڻ امِ رباب کي نه هئي. جيڪڏهن اُن کي ڪو فڪر هو ته صرف اِهو هو ته ميدان ۾ سڀاڻي منهنجو ٻچڙو سڀ کان اول قرباني پيش ڪري حسين عه وٽ سرخرو ٿئي. حسين عه اهڙي انمول قرباني صبر سان پيش ڪري خدا تعاليٰ آڏو سرخرو ٿئي. ڪربلا جي رڻ ۾ حسيني قافلي جا سڀئي ساٿي هڪ ٻئي جا ڀرجهلا هئا. اهڙي مشڪل وقت ۾ امام حسين عه سان جيئن پنهنجي فوج جي سپاهين نڀايو، تيئن ئي ڀيڻ زينب (س) جي جانثار سپاهين به نڀايو. امام حسين عه کي اهڙي مشڪل وقت ۾ مرد توڙي عورتن مان ڪنهن به ساٿي اڪيلو نه ڇڏيو. هر ڏکئي وقت ۾ سندن ساٿ سلامت رهيو. دين بچائڻ لاءِ قدم قدم تي وڏي مدد ڪئي. اهڙي مدد ڏيندڙ مردن کانپوءِ عورتن ۾ هڪ عورت اهڙي آهي، جنهن جو پٽ توڙي جو عمر جو ننڍو هو، پر تنهن هوندي به سندس ماءُ کي اُن وقت تائين سک نه آيو، جنهن وقت تائين امام حسين عه اُن جي ڇهن مهينن جي ابهم شهزادي کي ميدان ۾ کڻي اچڻ لاءِ خيمي ۾ نه آيو. اُن ماءُ جي دل اُن وقت وڃي ٺري، جنهن وقت امام حسين (ع) کيس رومال جي هڪ ڳاڙهي ڳنڍ ۾ شهزادي علي اصغر عه جو لاش ڏنو. ماءُ اُن کي وٺڻ مهل ڪو به احتجاج نه ڪيو، ايئن ئي صبر ۾ رهي، جيئن وڃڻ مهل رهي.

ڪربلا جي رڻ ۾ ٽين محرم کانپوءِ يزيدي لشڪر ۾ جيئن ئي فوجن جي آمد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، تيئن ئي سانئن زينب جي فوج جون بهادر عورتون پنهنجي پٽن کي حسين عه تان گهورڻ، صدقو ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳيون. نائين محرم تائين فوجن جي وڌندڙ تعداد کي ڏسي سانئڻ امِ رباب جناب اصغر عه جي ننڍڙن ننڍڙن اڻڀن وارن ۾ پنهنجون خشڪ آڱريون وجهي، ڦيري وکريل وارن کي سنواري چوي ها ته؛ اصغر ٻچڙا! ناني محمد صه ۽ ڏاڏي علي عه سان منهنجي غربت جي ڪائي شڪايت نه ڪجان ۽ آئون مجبور آهيان، ٽن ڏهاڙن کان توکي نه پاڻي پياري سگهي آهيان، ۽ نه ئي کير پياري سگهي آهيان. پاڻي ۽ کاڌو نه ملڻ ڪري تنهنجي ماءُ جي ٿڃ سُڪي وئي آهي، ۽ توکي اهڙي حالت ۾ ڏسي به نٿي سگهان، پر ڇا ڪري تنهنجي امڙ، آئون بيوس جو آهيان، اُن ڪري جو درياھ فرات تي ظالمن جو قبضو آهي. تنهنجي ناني جي اُمت اکيون جو بند ڪيون آهن.

ڪربلا جي بيابان ۾ جڏهن سج پنهنجي عين جوانيءَ ۾ تي چڙهي آيو ته، گرميءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيندو ويو. اُن وڌندڙ گرميءَ جي شدت سبب شهزادي جي پياس ۾ ويتر اضافو ٿي ڪيو. سيدن جي ٻٽيهه ٻارن جي پياس هڪ پاسي هئي، اُمِ رباب جي ڇهن مهينن جي معصوم علي اصغر عه جي پياس هڪ پاسي هئي. سيدن جو هر پياسو ٻار، شهزادي کي ڏسي چوي ها ته اسان جو خير آهي، توکي اگر اصغر عه ٻه ڍڪ پاڻي ملي پوي ته بهتر آهي. اسان ته پوءِ به پي وٺنداسين، مگر لشڪر يزيد ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ نه ئي رسول صه جي اولاد جو ڪوئي خيال ڪيو. هنن اهوئي ورتاءُ ڪيو، جيڪو ڪجهه آلِ رسول سان کين پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو هو. امام حسين عه ميدان ۾ جڏهن مدد لاءِ “هَل مِن ناصرٍ يَنصُرُنَا” (آهي ڪو جيڪو اسان جي مدد ڪري؟)، “هَل مِن مُغِيثٍ يُغِيثُنا” (آهي ڪو جيڪو اسان جو سڏ ورنائي؟)، “هَل مِن ذَابٍّ يَذُبُّ عَن حَرَمِ رَسُولِ الله” (آهي ڪو جيڪو رسول الله جي خاندان کان دشمنن کي پري لوڌي؟) جي صدا بلند ڪئي، ته ڇهن مهينن جو شهزادو علي اصغر عه امام جي غربت جي هڪل ٻڌي پينگهي ۾ پاڻ سنڀالي نه سگهيو. امام حسين عه کي خيمي گاهه ۾ گهرايو ويو. امام حسين عه جڏهن شهزادي علي اصغر عه کي ميدان ۾ کڻي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا ته، سانئڻ اُمِ رباب مولا جن کي چيو ته: “حسين عه، اصغر عه کي ميدان ۾ ائين نه کڻي وڃ، جيئن مان چاهيان ٿي، تيئن کڻي وڃ. ڇو ته اصغر عه کي اگر اُن حالت ۾ ميدان ۾ کڻي ويندين ته شامي چوندا ته؛ حسين عه ماءُ جي جهوليءَ مان اصغر عه کي کڻي آيو آهي. اصغر ٻچڙو مونکي ڏي، ته مان اُن کي تيار ڪري اچان. پوءِ کيس ميدان ۾ کڻي وڃ”. پوءِ سانئڻ اُمِ رباب ابهم کي ائين تيار ڪيو، جيئن ڪائي ماءُ پنهنجي پٽ کي عيد ڏهاڙي تي تيار ڪندي آهي. سانئڻ پٽ کي دستار، عمامو، عبا پارائي ننڍي تلوار پاسي سان ٻڌي، پوءِ پٽ کي ميدان ڏانهن موڪليو هو. مولا حسين عه پٽ کي ميدان ۾ کڻي آيو. معصوم علي اصغرعه کي ڪربلا ۾ ڪوفين، شامين جيڪو پاڻي پياريو، اُن جي ساکي تاريخ آهي. ڇهن مهينن جي معصوم جي اُڃ آخر ڪيتري پاڻيءَ سان ٿي اُجهي سگهي، صرف ٻن آڱرين جيترو به پاڻي ملي پوي ها ته معصوم جي اُڃ اُجهامي وڃي ها، پر حرمل اُن شهزادي جي اُڃ پاڻيءَ بجاءِ ٽن نوڪن واري وزني تير سان اُجهائي.

معصوم اصغر عه، هي ڪربلا جو اُهو شهيد آهي، جنهن جي عمر سڀ کان ننڍي هئي ۽ کيس شهادت کانپوءِ به کين ٻيهر شهيد ڪيو ويو آهي. حسين عه ابهم اصغر عه جي لاش کي جڏهن خيماگاهه ۾ آندو ته سانئڻ اُمِ رباب، شهزادي کي بسم الله ڪري پنهنجي جهوليءَ ۾ ورتو. سانئڻ سڪينه ڀاءُ کي پينگهي ۾ لولي ڏيندي اهو چئي رهي هئي ته؛ “اصغر عه ادا! چڱو ٿيو، جو تُون پاڻي پي آئين ميدان مان…!!” شهزادي کي جڏهن دفن ڪرڻ جو وقت آيو ته سانئڻ رباب عرض ڪيو ته حسين عه، تُون شريعت جو مالڪ آهين ۽ وقت جو امام آهين. پٽ جو لاش قبرستان تائين ماءُ پيءُ ڪيئن ٿو کڻي وڃي ۽ دفن ڪري سگهي، اُن جاءِ تي حسين عه صبر ۽ غربت جي حد ختم ڪري ڇڏي. پٽ کي ڪربلا جي گرم زمين تي رکي حسين عه چئني طرف ديد ڦيرائي، ڪنهن پاسي به کيس سڄڻ نظر نه آيو. هر پاسي سندن جان ۽ سندس مقصد جا قاتل هئا، جن جي هٿن ۾ اُگهاڙيون تلوارون هيون. دنيا جو دستور ۽ شريعت موجب پٽ جو لاش پيءُ ناهي دفنائيندو. اُهو ڪم سڄڻن جو هوندو آهي، پر ڪربلا جي گرم زمين تي امام حسين عه ۽ سانئڻ اُمِ رباب معصوم علي اصغر عه جو لاش پاڻ کڻي دفن ڪيو. ڪربلا جي گرم زمين ۾ شهزادي کي دفن ڪرڻ کانپوءِ اُجڙيل ماءُ اهوئي سمجهيو ته هاڻي منهنجو ٻچڙو گهڻين تڪليفن سهڻ کانپوءِ آرامي ٿي ويو. هاڻي کيس ڪنهن به تڪليف، ظلم جو منهن ناهي ڏسڻو، پر نه، لشڪر يزيد جا فوجي، اُهي جن جي دل ۾ ڦير هو، اُنهن شهزادي کي شامِ غريبان جي وقت زمين ۾ نيزو هڻي لاش کي ٻاهر ڪڍيو.

مومنو! هاڻي اندازو ڪريو، شامِ غريبان مهل اُهو سڄو منظر جڏهن اُن جي اُجڙيل ماءُ جي اکين جي اڳيان ٿيو هوندو ته اُن وقت اُن بيواھ ماءُ جي حالت ڪهڙي ٿي هوندي. اها ئي گهڙي تڙپائيندڙ هئي، جڏهن سانئڻ اُمِ رباب واعدو ڪيو ته ٻچڙا اصغر توکي پاڻي نه مليو. تنهنجي ماءُ سڄي حياتي ٿڌو پاڻي نه پيئندي ۽ وارث کي اُس تي ڪٺل ڏسندي چيو ته حسين عه، توکي اُس تي ڪُسندو ڏٺو اَٿم، رباب سڄي زندگي ڇانوَ تي نه ويهندي ۽ سانئڻ رباب سڄي حياتي نه ٿڌو پاڻي پيتو ۽ نه ئي ڇانوَ تي ويٺي. معصوم ٻچڙي جي جُدائيءَ جو غم اُجڙيل ماءُ کي هر پل جهوري وجهندو آهي. اُن ماءُ جو جيئڻ پوءِ مشڪل ٿي پوندو آهي. خاص ڪري هر ويلي پٽ جا خيال ستائيندا اَٿس. ڪائنات جي ڪابه ماءُ اُهو پل نٿي ڀُلائي سگهي، جيڪو سندس ٻچڙي کي کير پيارڻ جو وقت هوندو آهي. سانئڻ رباب ته پنهنجي زندگيءَ ۾ اُنهن گهڙين ۾، اُنهن پهرن (وقتن) تي پٽ کي ياد ڪري روئي پوندي هئي، جيڪو روئڻ جو درد اڄ به آسمان مان ماڪ ڦڙن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو. ڳوڙهن جي صورت ۾ فجر جي وقت آسمان مان ڪِرندڙ ماڪ ڦڙا اهي انهيءَ ماءُ جا ڳوڙها آهن، جيڪي پٽ کي ياد ڪندي اکين مان ڳاڙيندي آهي ته؛ مومنن جيان آسمان به اُن درد کي محسوس ڪندي ان مهل روئي پوندو آهي. اُهي ماڪ ڦڙا، جيڪي معصوم گلن کي زندگي بخشين ٿا…!!