“اُو اُو” وزيراعظم جي قومي اسيمبلي اچڻ تي هوڪرا، اپوزيشن جو هنگامو، ايجنڊا ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، تقرير بنا واپس

0
51

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي قومي اسيمبلي آمد تي اپوزيشن جو احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو،  اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرز هڪ ٻئي خلاف نعريبازي ڪئي، اسپيڪر کي ڪارروائي هلائڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي پهچندي ئي پي ٽي آءِ ميمبرز  ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي احتجاج ڪيو، “اُو  اُو”  جا هوڪرا ڪيا، ن ليگ ميمبرز طرفان شير آيا شير آيا جا جوابي نعرا هنيا ويا، ن ليگ جا ميمبرز وزيراعظم جي چوڌاري حفاظتي گهيرو ٺاهي بيهي رهيا، اجلاس ۾ آسيه ناز اپوزيشن جي گوڙ دوران مرد ۽ عورت ووٽرن وچ ۾ مسلسل صنفي فرق تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، وزير قانون اعظم تارڙ چيو ته اليڪشن ڪميشن اهو فرق ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، اهو فرق هاڻي صرف 7 سيڪڙو رهجي ويو آهي. گوڙ دوران ئي حڪومتي بينچز 6 ايجنڊائون اڪلائي ڇڏيون، اسلام آباد ۾ بين الاقوامي يونيورسٽي بل، ميرٽ تي ايندڙ مستحق شاگردن لاءِ 10سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي ترميم به منظور ڪئي وئي، گوڙ سبب اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.