سنڌ جي صحت کاتي جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي، عوام کي علاج معالعي جون ڪهڙيون سهولتون حاصل حاصل آهن، ان جو اندازو صحت کاتي جي پنهنجي ئي رپورٽ مان ٿي وڃي ٿو، جنهن جو اندازو هلندڙ سال جي پهرين سوا ٻن مهينن ۾ ارڙيءَ سبب 17 ٻارڙا حياتين کان محروم ٿي ويا آهن. ان عرصي دوران لڳ ڀڳ ارڙيءَ جا 1200 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن تي صحت کاتي جي “بيمار” انتظاميا کي ڳڻتي نه هجڻ پڻ وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ارڙيءَ جي ڦهلاءَ ۽ حياتين کي هاڃي رسڻ جي حوالي سان صحت کاتي جي اختيارين پاران صوبي ۾ پهرين جنوري کان 8 مارچ تائين ارڙي ڪيسن جي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڄاڻايل عرصي دوران ارڙي وگھي 17 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ ارڙي جا 1185 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رڳو ڪراچي ۾ ارڙي جا 550 ڪيس ظاهر ٿيا، بدين ۾ 37، دادو ۾ 48، گهوٽڪي ۾ 17، حيدرآباد ۾ 80، ڄامشوري ۾ 16، قمبر ۾ 17، ڪشمور ۾ 10، خيرپور ۾ 61، لاڙڪاڻي ۾ 47 ۽ مٽياري ۾ 5 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.
ارڙي هڪ پکڙجندڙ بيماري آهي. گذريل ڪجهه مهينن دوران، سنڌ جي مختلف حصن ۾ ارڙيءَ جي وبا تيزيءَ سان ڦهلجي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف ماڻهن ۾ پريشاني وڌي آهي، پر صحت جي کاتي جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اُٿيا آهن. ارڙيءَ جو وائرس هڪ تمام تيزيءَ سان پکڙجندڙ وائرس آهي. ارڙيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ مؤثر وڪسينيشن موجود آهي، جيڪا هن بيماري کي روڪڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. پر سنڌ ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ حفاظتي ٽُڪا نٿا لڳايا وڃن ۽ ماڻهن ۾ ان بابت آگاهي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري هي بيماري تيزي سان ڦهلجي رهي آهي. سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ صحت جي لحاظ سان احتياطي تدبيرن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. اسڪولن ۾ بيمارين جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم نه کنيا پيا وڃن. ٻار وڏن گروهن ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ بيماري پکيڙڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو. سنڌ ۾ مختلف علائقن ۾ صحت جون سهولتون گهٽ ۽ صفائي جو انتظام خراب آهي، جنهن سبب بيمارين جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي. غريب علائقن ۾ صاف پاڻي جي کوٽ ۽ گندگي سبب مختلف بيمارين جو ڦهلڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي. ان کان علاوه، ماحولياتي گدلاڻ ۽ صحت جي سهولتن جي اڻاٺ پڻ ارڙيءَ جي ڦهلاءُ ۾ مددگار ثابت ٿي رهي آهي.
ارڙيءَ جي وبا جي شدت ۽ ان جي ڦهلاءَ کي ڏسندي سنڌ جي صحت جي کاتي جي ڪارڪردگي تي سخت سوال اٿن ٿا. اسان اڳ به اهڙي ڪارڪردگيءَ کي نظر ۾ رکندي اهو چوندا رهيا آهيون ته “علاج” جي گهڻي ضرورت خود صحت کاتي کي آهي. سنڌ جي صحت کاتي طرفان ارڙيءَ جي روڪٿام لاءِ مناسب آگاهي مهمون شروع نٿيون ڪيون. ماڻهن ۾ هن بيماري کان بچڻ ۽ وڪسينيشن جي فائدن بابت آگاهي جي کوٽ آهي. جيڪڏهن کاتي طرفان مؤثر آگاهي مهم هلائي وڃي ها، ته ماڻهو پاڻ پنهنجن ٻارڙن کي وڪسينيشن ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ها ۽ بيماري جو ڦهلاءُ روڪيو وڃي ها. ارڙيءَ جهڙين ڦهلجندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ حفاظتي تدبيرون ۽ علاج فراهم ڪرڻ ضروري هوندو آهي، پر هتي اهو نظام صحيح نموني سان ڪم نٿو ڪري. سڀ کان اهم قدم اهو آهي ته سنڌ جي سڀني علائقن ۾ ارڙيءَ کان بچاءَ لاءِ وڪسينيشن مهم فوري طور تي شروع ڪئي وڃي. خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ ماڻهن کي وڪسينيشن جي اهميت ۽ ان جا فائدا سمجهائڻ گهرجن. اسڪولن ۽ تعليمي ادارن ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن. ٻارڙن ۾ بيمارين بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته اسڪولن ۾ صفائي جا بهترين انتظامات هجن جيئن بيماريون نه ڦهلجن. صحت کاتي کي ارڙيءَ جي بيماريءَ جي مانيٽرنگ ۽ نگراني جو نظام مضبوط ڪرڻ گهرجي، جيئن بيماري جو ڦهلاءُ وقت سر روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ متاثر ٻارڙن کي صحيح علاج فراهم ڪري سگهجي.