اَچو ڏُتڙيل سنڌ کي بيمارين کان بچايون

0
121
واش (WASH)– عورتن ۽ ٻارن جون ضرورتون

 جيڪڏھن ڪنھن وھمي کي اڃا به وڏو وھم آھي ته سنڌ ڪونه ٻڏي آھي ته سيٽ لائيٽ جا نقشا ڏسي، سنڌ جي ڊيگھه ۽ ويڪر ۾ پاڻي ئي پاڻي آھي. اڃا به شھرن، رستن، دنگن وٽ ويڙھ، اختلاف ۽ خوف آھي، وڌيڪ ٻُڏڻ جو! ھن کان اڳ، حڪومتي ۽ ٻين ادارن جنھن ۾ عالمي، لوڪل، اين جي او، گڏيل قومن جا ادارا، ٻيا انساني ھمدرد ۽ گھڻ گھريا شامل آھن، انھن لاءِ عرض ڪيو ھو ته ملڪي، صوبائي، ضلعي ۽ تعلقي/ٽائون ڪاميٽي سطح تي نيٽ ورڪ حڪومت طرفان تنظيم ڪاري جو نوٽس جاري ٿيڻ کپي. جيڪڏھن جاري ٿيو آھي ته اھا بھتر ڳالھه آھي، جيڪڏھن نه ٿيو آھي ته ان کي جلد ئي عمل ۾ آندو وڃي. ڪرونا/ڪووڊ وارو تجربو ته حڪومت سنڌ جو ڪافي بھتر ھو، وڌيڪ 2011ع ۽ 2010ع جي دؤران ڪيل عملن جو جائزو وٺي بھتر نيٽ ورڪ برپا ڪري سگھجي ٿو.

                 ھن وقت ماڻھن کي پاڻي مان ڪڍڻ، انھن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ جو شايد بھتر ڪم ٿئي پيو پر ان جي باوجود ڪيترن ئي علائقن ۾بُک ۽ اسان کي پاڻي مان ڪڍو’ جون رڙيون اَچن پيون. ان سان گڏ جيڪا شديد ۽ خطرناڪ صورتحال سامھون اچي پئي، ان ۾ دربدر ٿيل ماڻھن تي، جيڪي رستن، ڪئمپن يا ٻين جاين تي ويٺا آھن، بيمارين حملو ڪري ڇڏيو آھي. خاص ڪري ٻار، عورتون ۽ ضعيف ماڻھو وڌيڪ متاثر ٿيا آھن. ڪافي موبائيل ٽيمون ۽ ادارا ڪم ڪري رھيا آھن پر ماڻھن تائين صحت سان لاڳاپيل ڊاڪٽرن ۽ ٻي اسٽاف جي رسد تمام گهٽ آھي. ڪمال ته اِھو آھي ته خاص ڪري ننڍن ضلعن جي مرڪزي اسپتالن ۾ پڻ لاڳاپيل اسٽاف تمام گهٽ آھي، ان تي تمام گھڻي اصلاح ڪرڻ جي ضرورت آھي.

آفتن ۾ آيل انسانن جي مدد انھن جو آئيني، قانوني ۽ بنيادي حق آھي. ان ڪري ڪنھن جو به انھن تي ٿورو ڪونھي. رليف ڪئمپ ۾ يا جتي ھو دربدر ٿيڻ کانپوءِ ويٺل آھن، انھن کي ھر شيءِ ڏيڻي آھي ۽ ڪنھن به طريقي سان، کاڌو ڏيندي، مدد ڪندي، علاج ڪندي، انھن جي عزت نفس کي ذري برابر به جوکم نه رسائڻو آھي. صحت ۽ علاج پڻ اھڙين حالتن ۾ ھنن جو بنيادي حق آھي، ھن وقت تڪڙي ڪيل سروي مطابق ھي بيماريون ڪر کنيو بيٺيون آھن.

  1. مليريا: ھي بيماري تمام گھڻي ڦھليل آھي. بيٺل پاڻي ۽ گندگي جي ڪري ھر جڳھه تي بي پاڙي جيان ڦھلجي وئي آھي. سنڌ جو مليريا ڪنٽرول پروگرام آھي، ان سان گڏ مرڪزي حڪومت جي مليريا ڪنٽرول پروگرام ڊائريڪٽوريٽ آھي. سڄي سنڌ ۾ انھن کي يڪدم فعال ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. سنڌ ۾ انھن جي ملازمن جو ھڪ ڍانچو ٺھيل ھو، ان کي ياد ڏيارڻ جي ضرورت آھي ته ھن ڏکي مھل پنھنجي ڪم کي ياد ڪن. جيڪي عالمي ادارا ۽ لوڪل اين جي او مليريا تي ڪم ڪن ٿيون تن کي پڻ جاگرافيائي طور تي ذميواريون ورھائي ڏيڻ کپن. مڇردانيون اڃا تائين ماڻھن تائين گھٽ پھتيون آھن جن جي رسد کي وڌائڻ جي ضرورت آھي.
  2. پيٽ جون بيماريون: تقريبن ھر ھنڌان دست/الٽي جي بيمارين جا آواز اچن پيا. ڪيترن ٻارڙن جي ان بيماري وگھي موت جا اطلاع پڻ آھن. ان کي منھن ڏيڻ لاءِ علاج سان گڏ، صاف پاڻي، پاڻي کي صاف ڪرڻ واريون ڪلورين جون گوريون، ھائيجين ڪِٽ جنھن ۾ ھٿ ڌوئڻ وارا صابڻ ھجن ۽ اھڙو ٻيو سامان پھچائڻ جي سخت ضرورت آھي. اھڙي حالتن ۾ عالمي ادارا ڪاڪوس خانا ۽ بھتر پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ ۾ تجربو رکن ٿا، انھن سان تڪڙو سگھارو سھڪار ڪري ماڻھن جي اھنجن کي گھٽائي سگھجي ٿو. ھڪ ڳالھه جو خيال ضروري آھي جيڪڏھن ماڻھن تائين پڪل کاڌو پھچايو ٿا ته انھن کي چڱي ريت پڪل کاڌو پھچايو وڃي ۽ ڪڏھن به دير سان يا گھڻو وقت رکيل کاڌو ڏيڻ نه کپي ان جي نتيجي ۾ پڻ پيٽ جون بيماريون وڌن ٿيون.
  3. چمڙي جون بيماريون: جتي ڪٿي ٻارن، عورتن ۽ عام ماڻھن ۾ چمڙي جون بيماريون تمام گھڻيون ڦھليل آھن، انهن جو تعلق پاڻي سان ئي آھي. ان تي تمام گھڻي ۽ تمام جلد توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي. چمڙي جي بيمارين ۾ ورتل ٻار ڏسبا ته شايد سخت دل پڻ روئي ڏي. ان چمڙي جي بيمارين سان گڏ، مختلف قسم جي جيتن جي چَڪ جي ڪري پڻ چمڙين ۽ ٻين بيمارين جو واڌارو ٿئي ٿو.
  4. عورتن لاءِ گھربل علاج: سنڌ ۾ عورت گھڻو ڪري گھٽ خوراڪ جي ڪري رت جي گھٽتائي جو شڪار ھوندي آھي. ٻارن جي ڄم ۽ ٻيا عمل عورت کي اڃا وڌيڪ ڪمزور بڻائين ٿا. آفتن جي صورت ۾ عورت مٿان آفت ۽ ڪم ٻيڻا اچن ٿا. ان ڳالھه کي ذھن ۾ رکندي، ماھر عورت ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو جن سان عورتون آرام سان پنھنجا ڏک ونڊي سگھن، بيماريون ٻڌائي سگھن، انھن کي موبيلائيز ڪيو وڃي، وري عرض ڪندس ته صحت جي شعبي ۾ ڪافي ادارا ڪم ڪري رھيا آھن، انھن سان سھڪار ڪري ڪم جي دائري کي وڌائڻ جي ضرورت آھي. عورتن جي ضرورت جون شيون، ماھواري جي حساب سان جيئن جتي لوڪل حساب سان (صاف ڪپڙن جا ٽڪرا يا ڪپھه) رواج ھجي، ان کي ھائيجن ڪِٽن ۾ صابڻ وغيره سان گڏ رکڻ کپي. ليڊي ھيلٿ ورڪرز جو ھڪ فعال نظام موجود آھي. انھن سان گڏ ٻين تنظيمن جون عورت ورڪر ڏئي بھتر ڪم ڪري سگھجي ٿو.
  5. ڇاتي جون بيماريون: ڦڦڙن جي بيمارين/انفيڪشن جا تمام گھڻا ڪيس ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. اھي وڏي ڄمار جي مرد عورتن ۽ ننڍن ٻارن ۾ وڌيڪ ٿا ٿين، جن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.

سنڌ جو صحت کاتو، عالمي ادارا، مدد ڪرڻ وارا انسان ۽ لوڪل تنظيمون جن ۾ ڊاڪٽرن جون تنظيمون شامل ھجڻ کپن، جيڪڏھن گڏ ڪم ڪنديون ته ھي جيڪو انتھائي خطرناڪ وقت آھي، ان مان ڪيترن ھزارن انسانن کي ٻاھر ڪڍي، سندن زندگي بچائي سگھجي ٿي. ھن وقت دوائن ۽ ٻين ڪمن تي ملندڙ چوڳو، ڀتو ۽ بونس صفا مٿان کان وٺي ھيٺ تائين وساري، مصيبت جي ماريل عام ماڻھن تائين صحت جون سلامتيون پھچائڻ لاءِ پتوڙڻو آھي. مون جھڙن ڪيترن جن رڳو وٺڻ ۽ کيسي ۾ وجھڻ سِکيو آھي، انھن تي ۽ مون تي فرض آھي ته ھاڻ وٺڻ جي بجاءِ ڏيڻ شروع ڪيون.