بيجنگ (انٽرسٽنگ نيوز) چين ۾ اَي ٽِي ايم مشين گم ٿيل ٻارڙِيءَ کي وارثن سان ملائي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب چيني صوبي زيجينگ سان تعلق رکندڙ 8 ورهين جي ٻارڙِيءَ ڪوزو سان اهو واقعو 30 جولاءِ تي پيش آيو جڏهن ٻارڙِي پنهنجي ڊانسنگ ڪلاس بعد گھر موٽندي ڏاڏَي کان وڇڙي وئي هئي. پنهنجي رستي کان بي خبر ٻارڙي پنهنجي والدين سان رابطو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي هئي. جنهن بعد هن ويجھي اي ٽي ايم ۾ وڃي ايمرجنسي بٽن دٻائي ڇڏيو، ريڊ بٽن دٻائڻ بعد عملي ٻارڙيءَ جي ڪال جو جواب ڏئي سندس خاندان سان رابطو ڪري کيس سندس ڏاڏي سان ملائي ڇڏيو.بينڪ عملدار ٻارڙيءَ کي چيو ته هوءَ بينڪ ۾ ئي رهي پوءِ هن پوليس سان رابطو ڪري سندس خاندان بابت پڇا ڳاڇا ڪرائين ٻارڙيءَ کي گھرڀاتين سان ملائي ڇڏيو.