اَمان مُون کي سيءُ لڳي ٿو…!

0
86
اَمان مُون کي سيءُ لڳي ٿو...!

 سيءُ، جيڪو سمجهي ئي نٿو ته ڪير غريب آھي ۽ ڪير امير آھي. بس ڪاهيندو اچي پيو. ڪاش! ڪو سيءَ کي به سمجهائي ها ته هُو غريبن کان پاسو ڪري. اَمان هن هڏ ٺار سرديءَ ۾ آئون يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجي اسڪول پهتو آھيان. اسڪول ڇا پهتو آھيان، مُنهنجو ته ساھ ئي نڪري ويو آھي. مُنهنجا لڱ ڏڪن پيا. هٿ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آھن. پين هٿ ۾ جهليان ٿو ته ڪِري پوي ٿي. آئون جنهن اسڪول ۾ پڙھان ٿو، اُن جي ڪابه بلڊنگ ناهي، ڇو ته اُهو سرڪاري اسڪول آھي. اسين ڄار جي وڻ هيٺ پَٽ تي ويهي پڙھون ٿا، ڇو ته اسان جو فرنيچر وزيرن ۽ ڪامورن وڪڻي پنهنجي شاندار سياري جو جاندار بندوبست ڪري ڇڏيو آھي ۽ اسين کُليل ڪتاب کڻي کُليل آسمان هيٺ ويٺا آھيون. چار ئي پاسا هڪجهڙا هُئڻ ڪري سياري جي سرد هوا اسان تي اُکڙي ڪُهاڙيءَ جيئن اچي ٿي. سيءُ اسان جا ائين ڇوڙا لاهي ٿو، جيئن واڍو ڪاٺ جا ڇوڏا لاهيندو آھي. منهنجا هٿ ڏڪن ٿا ۽ مون کي ڄاڙيءَ هڏڪو لڳو آھي. مون وٽ ڪوبه جيڪيٽ يا ڪوٽ ناهي. منهنجي پيٽ ۾ بُک ۽ بدن تي سرديءَ جو پارو ڄمي ويو آھي، پوءِ به آئون گُسايان نٿو، ڇو ته آئون پڙھڻ چاهيان ٿو. آئون گُسائيندس ته مُنهنجو مُستقبل مون کان گُسي ۽ مقدر رُسي ويندو. ان ڪري آئون هر حال ۾ اسڪول وڃان ٿو. منهنجي هن حال تي ڪنهن کي به رحم نٿو اچي. انتظاميا مري ويل ماڻهن جي جنم ڏهاڙن تي ته موڪلون ڪري ٿي، پر اسان جيئرن تي قياس نٿي ڪري. ٿورو به قياس ڪري ها ته سياري جُون موڪلون وڌائي ها. غريبن جي هيڻن حالن تي ٽوڪون ڪندڙ زماني کي ڪير سمجهائي ته اَڀرن جا ٻار اسڪول ڪيئن ۽ ڪهڙين حالتن ۾ وڃن ٿا. مسڪينن ۽ پورهيتن جا ٻار جيڪي پنهنجن گهرن کان پري پراين درن تي ۽ هاسٽلن تي رهن ٿا، اُنهن لاءِ صبحُ جو يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ پلصراط پار ڪرڻ کان به ڏُکيو هوندو آھي. ٿڌو پاڻي انهن معصومن جي ڪچڙي جسم کي بليڊ جي جهيڪ وانگي چيري ڇڏي ٿو، پر ڇا ڪن! مجبوريءَ ۾ وهنجڻو پوي ٿو. نٿا وهنجي وڃن ته اُستاد ٿا مارين، هاسٽلن وارا گرم پاڻي ۽ گرم کاڌا ڏين ٿا ته پاڻ بُک ٿا مرن، بچت نٿي ٿئي. سرمائيدارن جي هر سوچ پئسي تي دنگ ڪري ٿي. جڏھن ته انهن جا پنهنجا ٻچا گرم پاڻيءَ ۾ وهنجن ٿا. گرم کاڌا کائين ٿا. گرم ڪپڙا پائين ٿا. اسان کي نه رسيس ۾ فاسٽ فوڊ ملي ٿو، نه سِلو فوڊ، پر بُک ۾ سيارو سِلو پوائزن بڻجي اسان جا ڏيل اُڏوهي وانگي کائي ڇڏي ٿو. ڀوڳي جتي ڪٿي غريب ٿو. غريب، جنهن جو خُدا کان سواءِ ڪير به ناهي. بنا جُتيءَ جي اُڀراڻي پيرين علي الصبح جو هٿ ۾ ڪتاب کڻي اسڪول ويندڙ ڪنهن غريب جي ٻار کان پُڇجي ته پير ڪيڏا ٺرن ٿا. اُتر جي هوا کي ڇا هي، ڪير ڪيڏا ٺرن ٿا. بنان سوَڙُھ جي ڪو رات ڪيئن ٿو ڪَٽي؟ دلين جو سُور پيو دلين ۾ لُڇي. موسمن جا مزا وٺڻ وارن کي ڪهڙي ڪل ته موسمن جي سزا ڇا ٿيندي آھي؟ انهن کان ڪير حال پُڇي ته پتو پوي ته سياري جا سُور ڇا ٿيندا آھن.

ھڪڙي جھوپي سيءُ پيو ھو

ٻارن تنهن پر ھيئن چيو ھو

بابا ڏاڍو سيءُ لڳي ٿو

تنهن پر تن کي پيءَ چيو ھو

ٻچڙا مون کي انگ لڳايو

چنبڙي پئو ۽ لڱ لڪايو

تنهن پر ننڍڙي ڌيءَ چيو ھو

بابا تنھنجا انگ اگھاڙا

ڪيئن لھندا سي اسان تان پارا

جن جي لڱن تي لَٽو ڪونه آھي، جيڪي بُکن ۾ ڀٽڪن پيا. جن جي گهر ۾ لپ اَٽو ڪونه آھي. اُنهن جي ٻارن کي يورپ جي ٻارن سان ڀيٽي مهڻا ڏين ته اوهان نڀاڳا آھيو، پڙھڻ نٿا چاهيو، اهو ڪٿي جو انصاف آھي! يورپ سان ڀيٽڻ کان پهرين حالتون ته سُڌاريو.سنڌ جا ساڃاھ وند ۽ ڏاها ماڻهو اسان جھڙن اڀرن ماڻهن تي سڀرا سڀرا تبصرا ڪندي چون ٿا ته يورپ جا ٻار ڪاٽو ڊگريءَ ۾ به پڙھڻ وڃن ٿا ۽ هتي جا ٻار نڀاڳا آھن، اجايون دانهون ڪن ٿا. اُنهن ڏاهن کي ڪيئن سمجهايان ته يورپ ۽ اسان وٽ زمين ۽ آسمان جو فرق آھي. يورپ جا ٻار گرم گرم کاڌا کائي، گرم گرم ڪپڙا پائي، سُوٽيڊ بوٽيڊ بڻجي هيٽر لڳل اسڪولن ۾ پڙھڻ وڃن ٿا، جڏھن ته اسان جُون حالتون ان جي بلڪل اُبتڙ آھن. اسان کي نه کائڻ لاءِ گرم کاڌو ملي ٿو ۽ نه ئي پائڻ لاءِ گرم سوئيٽر. اسين ناشتي ۾ مائٽن جا دڙڪا ۽ دُعائون کائي، سِج جو تڙڪو پائي، يخ ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجي پوءِ اسڪول وڃون ٿا. اسان وٽ اسڪولن ۾ هيٽر ته پري رهيو، اڪثر ڪري ڇِت به ناهي. اسين جهوپڙا نما اسڪولن ۾ فرنيچر نه هُئڻ سبب پَٽ تي ويهي پڙھون ٿا. اسين جيڪي غذائي قلت جو شڪار غريبن جا ٻار آھيون، جن وٽ اهڙي سرديءَ جي سَٽ سَهي سگهڻ جيتري سگهه ئي ناهي. اسين قوت مدافعت جي ڪَميءَ ۾ ايترا ڪمزور آھيون جو هلڪي سيءَ تي به تَپ اچي وڃي ٿو. تَپ اچي ٿو ته اسين دوا ٽِڪيءَ لاءِ پريشان ٿيون ٿا. دوا ٽِڪي به اسان کي مُشڪل سان ملي ٿي. بيمار ٿيون ٿا ته اُستاد چون ٿا ته بيماريءَ جو بهانو ڪري اسڪول کان گُسايو ٿا.

اسان جي ڏاهن کي تڪڙا تبصرا ڪرڻ کان اڳ اسان جي حالتن تي سوچڻ کپي ته اسين بُک ۽ ڏُک ۾ ڪيئن جيئون ٿا. امير ڏاهن کي ڪهڙي خبر انهن غريب اٻوجهن جي، جيڪي بغلن ۾ هٿ وجهي سيارو ڪٽين ٿا، جيڪي وڻن جي ڇانوَ اوڍي اونهاري کي مُنهن ڏين ٿا. اسين جيڪي موسمن جا ماريل آھيون. ڪڏھن سيارو ساھ ڪڍي ٿو ته ڪڏھن اونهارو لاھ ڪڍي ٿو. اسين جيڪي مُندن مان مزو نٿا وٺي سگهون. بس مُنهن ڏيون ٿا. اونهاري ۾ ٿڌي پاڻيءَ لاءِ سڪي سڪي لڱ ساڙيندڙ لُوساٽن ۾ لُوساٽجي، اونهاري جو عذاب ڀوڳي دنگ ڪريون ٿا ته مٿان مِينهن پنهنجي پُوري ڪري ٿو. مِينهن جا ڏينهن ڪَٽي ٻوڏن مان تَريون ڏيئي تَري نڪرون ٿا ته مٿان سيارو نانگ وانگي ڦَڻ کڻي بيٺو هوندو آھي ۽ اسان کي بيحال ڪري ڄمائي ڇڏيندو آھي.اسين جيڪي اڻ پڙھيل مائٽن جو اهو اولاد آھيون، جن کي پڙھڻ جو شوق آھي. اسين پڙھڻ چاهيون ٿا پر مرڻ نٿا چاهيون. دُنيا مريخ تي پهچڻ لاءِ جاکوڙي پئي، پر اسين اڃان سياري ۽ اونهاري جي موڪلن جو شيڊيول بدلائي ناهيون سگهيا. گلوبل وارمنگ جي ڪري موسمون مٽجي ويون آھن پر اسان وٽ اڃا به پراڻا طريقا مروج آھن. هاڻي سياري جي موڪلن تي ڏاهن کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، نه ڪي تبصرا.

هي ڪهاڻي سنڌ جي هر اُن ٻار جي آھي، جيڪو غريب جي گهر ۾ ڄائو آھي، جنهن وٽ نه ناشتي لاءِ آنا ۽ اُڦراٽا آھن، نه ئي پائڻ لاءِ گرم سوئيٽر آھن. جنهن وٽ نه پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ گيزر آھي، نه ئي قُوت جي ڪَمي پوري ڪرڻ لاءِ ڪا جوڳي خوراڪ آھي. جنهن وٽ سواءِ تعليم پرائڻ جي مقصد جي، ٻيو ڪُجهه به ناهي. هي ڪهاڻي اُنهن لکين ٻارڙن جي آھي، جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ سهولتن جي ڏُڪار کي مُنهن ڏيندي پڙھن ٿا. هي ڪهاڻي سنڌ جي هر اُن گهر جي آھي، جنهن گهر جا معصوم ٻارڙا رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ اسڪول وڃن ٿا. حڪومت کي انهن جي حال تي سوچڻ کپي. وقت سان گڏ بدلجڻو پوندو. گلوبل وارمنگ جي گند ۾ موسمون مٽجي ويون آھن. هاڻي سيارو ۽ اونهارو پنهنجي وقت تي نٿا اچن. ڪئلينڊر ۾ ته اسان ساڳي وقت لکون ٿا پر آب هوا بدلجي چُڪي آھي. اسان وٽ اڃا تائين اهو پراڻو نظام هلي پيو. هاڻي سياري ۽ اونهاري جي موڪلن جو شيڊيول تبديل ٿيڻ کپي. ٻار ڏاڍا حساس آھن. اُهي موسمن جو قهر برداشت نٿا ڪري سگهن. هيلوڪو سيارو ته ڏُکيو سُکيو ڪُجهه ڪڍي ويا آھن، ڪُجهه ڪڍي ويندا پر ايندڙ سياري جي عذاب کان بچن، ان ڪري حڪومتِ وقت کي هڪڙي غريباڻي گُذارش آھي ته ايندڙ سال موسمن کي مد نظر رکندي وئڪيشن جو وقت تبديل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جا ٻار سياري جي سُور ۽ اونهاري جي عذاب کان بچي پون. ٻار جيڪي اکين جا ٺار ۽ هينئين جو هار هوندا آھن. ٻار جيڪي اسان جو آئيندو آھن. پنهنجي مُلڪ ۽ قوم جو مُستقبل بچي ويو ته سمجهو اسان لک کَٽيو..!!