اي ڪڪرئو! ڪجهه ته قياس ڪيو ها!

    0
    245
    گورن تي گوليون هلائيندڙ مجاهد مائي ملالئه جو ماڳ مصيبت ۾!

      آئون ملڪ، ماڳ، صدين کان سخا جو شاخسانو آهيان. آس کڻي آيل انسانن جو عمدو آستانو آهيان، مشائخ مهماني مرقدخانو آهيان سو ساڻيهه جنهن سيني سنگين وار ڪري چيري جن چاڪ ڪيو. وقفي تي تن مڪروهه کي معاف ڪيو. بدن بيواجبين جو بيحد بار کنيو. تڪي ڏسو ترخانن تلخ طبع آزمائي ڪئي. ارغونن انيڪ ارڏائي ڪئي. مغلن مار ڌاڙ سان مايا جي صفائي ڪئي. ڪيئي نادري نياپا ٻڌي ڇيڪ ڇپا ٻڌي سيني سور سٺا ڪيئي ڪونڌر ڪٺا مون مٽي تي مهم جو منگول آيا پر مولي پرشين ايراني، عرب، استنبول آيا. غضبناڪ گورا گول مٽول آيا، تن ظالمن زميني خدائن جي کيچل سهي هيڻي هڏ حياتي گذاريان پئي، پاڻ سنڀاريان پئي. هي حال ڏسو منهنجا پنهنجا پٽ ٿيا پاپي، پيٽ دن ۾ دسجي پخالون ٿي پيا. پڇن نٿا پبلڪ پوڪاري پيو، ٻچو ٻچو ٻاڪاري پيو، اهڙي سمي اي ڪڪرئو ڪجهه ته قياس ڪيو ها!

                     اهي الفاظ سونهاري سنڌ جا آهن جا سنگين صورت حال مان گذري پئي، جنهن سان هيل هماليه  جي هوائن جا هاڃا ڪيا، بي تحاشا بادل برسائي سندس عڪس اجنبي بڻائي مورڳو مورت ئي مسخ ڪري ڇڏي. جنهن ڪري سندس رخسارن جون ريکائون رت روئارين ٿيون، اڀي کان لٿي تائين لمي کان لاڙ تائين، لوڪ لڙڪ هاري پيو، کير ٿر ۾ خزائن خيما کوڙيا، ڪڇون ڇا؟ ڪاڇي کان ڪوهستان تائين ڪوڪاري پيو، پرگهور لاءِ پوڪاري پيو. باغ بوستان ۾ بهاري ڪونهي ڪليون کلن ڪٿان گلن ۾ گلزاري ڪونهي. نخلستان ويا ناپيد ٿي نرمل نظاري ڪونهي، هي حلاڪتون هاڃا هڪ بلبل هزار داستان جي حقيقت بڻجي پيا آهن!

    پروردگار جي پراجيڪٽ چنڊ ۽ مريخ تي پٽاٽا پوکڻ لاءِ مهم تي نڪتل محنتي مخلوق ناسا ذريعي نيري رنگ جي جنهن ڍنڍ جو ڏس ڏنو، سا سنڌ آهي جنهن کي ڏسي گڏيل قومن جو گوهر  گُتريس، جيڪو پرتگال جو پانڌيئڙو آهي سو، منظر پسڻ لاءِ پاڻ هن ماڳ پهتو ته پاڻي جي پکيڙ ڏسي چوڻ لڳو ته ان جو مقدار ايترو موجود آهي، جو منهنجو ملڪ ته ٽي دفعا ٻڏي ۽ تري سگهي ٿو، جنهن ڪري ناڻي جي حساب سان نقصان جو ڪاٿو 16 ارب ڊالرز کان سرس ٻڌائي عالمي دنيا کي امداد لاءِ عرض ڪيائين ته: ڪانفرنس آف پارٽيز يا ڪوپ جي ڪلتارن جي قهري دنيا دونهون ۽ دز پيدا ڪري جڳ ۾ پبلڪ جو جيئڻ جوکي ۾ وجهي دائمي دشواري پيدا ڪري ڇڏي آهي، جنهن ڪري قدرت جي ڪهڪشان ڪاوڙجي پئي آهي. سو هيئن ته گرين هائوس گيسز جا پولار پرزا ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب طيش تابناڪ ٿيڻ ڪري گرمي پد وڌڻ لڳو آهي ۽ گوناگون گليشيئر به پگهرڻ لڳا آهن، جنهن ڪري ليکو ئي لال ٿيندو پيو وڃي ۽ سانوڻ جي وسڪاري وارا سلسلا سوري بازي شڪار ٿيندا پيا وڃن. ڪٿي وري خشڪ سالي خيما پئي کوڙي ته ڪٿي وري ڪڪر ڪارونڀار قهري ڪارروائي لاءِ قائل پيا ٿين. هن فاسل فيوئل (Fossil Fuel) واري فنڪاري ۾ ته مورڳو دنيا پئي فنا ٿئي. تڪڙي ترقي جي حامل ملڪن تحمل بجاءِ اختيار ڪيل تڪڙين ترڪيبن اوزون جا تهه تهس نهس ڪري تباهي پيدا ڪئي آهي. قدرت جي ڪمن ۾ دخل ديرپا ڪٿي آهي؟ ناڪاري ڪمن جو نتيجو ته نيٺ ناپٽ جي صورت ۾ نڪرڻو آهي. فطرت سان ڦٽائڻ وارا ڦٽ “ڪورونا” جي صورت ۾ ڦُٽا ئي ڪو نه آهن. دنيا ٽي ڪروڙ ماڻهو مارائي تڏو وڇائي تعزيتن جي وصولي مان واندي به ڪا نه ٿي آهي ته ويتر ڪلائيميٽ وارن ڪڪرن ڪاهه ڪئي. جن جي موسلا ڌار مهم واري مينهن جو ڪاٿو اسان واري ماڳ تي 784 ملي ميٽر ٻڌايو ويو. اڳ ته موسمي ميلا ٿيندا هئا. کنوڻ کي کلي کيڪاربو هو ۽ ابر رحمت جي آرزو ڪبي هئي. ٻار ڪوهر ڪَٺا ڪري ڪِڪين کي ڏيندا هئا، جيڪي ديڳڙن ۾ چاڙهي دستياب ڪنديون هيون. ٻالڪ ۽ پاڻ هٿ ٻيڪڙي هادي اڳيان حيلا وسيلا ڪري وسڪاري جون وينتيون ڪري ڪڪرن کي ڪوٺ ڏينديون هيون. هيل ته سانوڻي سوز واري سامان سميت اچي سَهِڙي، انڊلٺ جي عاليشان رنگن بجاءِ ڪڪرن ڪارا ڪمبل ويڙهي سموري ساواڻ سيني ۾ سانڍي اهڙا ته قيامت خيز ڪلور ڪيا جو دعوتي به دفن ٿيڻ لڳا.

    اسان جو پنڻ وارو پار اڳي ئي اڀرو، ويتر چچڙن چڪ پاتا. ڏاها ڏس ڏين پيا ته دنيا جي ڏهن ملڪن ۾ اسان جو ديس به دنگائي آهي، جيڪي موسمي تبديلي جي مهاڙ واري مورچي تي ناجائز نشاني تي آهن. اسان جو ملڪ گئسن جي غلاظت وارو گند هڪ سيڪڙو کان به هيٺ اُڀ کي آڇي ٿو، مگر پوءِ به حرف هيڪاندو ٿئي ٿو. موسمي ماهر ٻڌائين ٿا ته 2060ع تائين سمنڊ جي سطح سوائي ٿيڻ ڪري ڪراچي مڪمل ٻڏي ويندي ۽ حيدرآباد هاٽ اسپاٽ ٿيڻ ڪري انسانن جي رهڻ لائق ئي نه رهندي ۽ برطانوي اخبار ٽيليگراف ته اهو به ٻڌايو آهي ته هن وقت پوري عالم ۾ جيڪب آباد ۽ متحده عرب امارات جو شهر “رئيس الخيمه” گرميءَ ۾ گوءِ کنيو پيا وڃن. گهٽ ۾ گهٽ اڌ حصي جيتري آمدني يا جي ڊي پي 44 ٽرلين آمريڪي ڊالرز قدرتي نقصانن سبب رسڪ تي رسيل آهي. هنن عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بئنڪ پنهنجي گڏيل رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ايندڙ 44-2035ع ۾ٻوڏ ۽ برسات جي تباهه ڪارين ۾ 50 لک ماڻهن جي مرڻ جو خطرو آهي.

    سنڌ ۾ برسات متاثرن جو انگ 9182270 ٻڌايو ويو آهي ۽ 15 لک گهر تباهه ٿيا آهن. هزارين ماڻهو موت جي ور چڙهيا آهن ۽ 35 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيڻ ڪري تقريبن 400 ارب جو نقصان ٻڌايو پيو وڃي ۽ 3 هزار ڪلوميٽر روڊ 70 پليون ۽ هزارين اسڪول اسپتالون ۽ ديگر انفرااسٽرڪچر شديد متاثر ٿيو آهي.

    ڪلائيميٽ واري تبديلي جي تدارڪ لاءِ ڪوپ ڪنٽريز اهو فيصلو ڪيو ته سال 2009ع کان وٺي هر سال 100 ارب ڊالرز خرچ ڪندا، جڏهن ته هن وقت تائين ان سلسلي ۾ ڪل 80 ارب ڊالرز خرچ ٿي سگهيا آهن. تازو مصر جي شهر شرم الشيخ  ۾ دنيا جي 200 ملڪن جي 16 ڏينهن جي عالمي ڪانفرنس ٿي آهي. جنهن کي ڪوپ 27 سڏيو پيو وڃي. يعني اها ستاويهين ڪانفرنس يا عالمي ڪٺ آهي، جنهن جي بهترين بريڪ ٿرو اها ٿي آهي ته پاڪستان سميت ستن ملڪن لاءِ “گلوبل شيڊ” نالي فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هن وقت تائين جرمني 170 ملين يورو، ڊنمارڪ 4.7 ملين يورو، آئرلينڊ 10 ملين يورو، ڪئناڊا 7 ملين آمريڪي ڊالرز ۽ فرانس طرفان 20 ملين يورو جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. امداد جي مستحق ملڪن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، فلپائن، فجي، سنيگال، گهانا ۽ ڪوسٽاريڪا کي قرار ڏنو ويو آهي.