ڪراچي/حيدرآباد/سکر/ٺري ميرواهه(نمائندن وٽان) ٺري ميرواھه ۾ ھڪ ھفتو اڳ بيدري سان قتل ڪيل صحافي اي ڊي شر جي قتل ڪيس جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ آر ايڇ سي ٺري ميرواھ جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالباسط ڦل پاران جاري ڪئي وئي آھي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته اي ڊي شر کي 16 سينٽي ميٽر ڊگھي تيز ڌار اوزار سان قتل ڪيو ويو قتل ڪرڻ وقت ٻه ڌڪ ڪياڙي ۽ ٻه ڌڪ مٿي جي پوئين حصي ۾ ھنيا ويا، جسم جي ڄاڻايل جائن تي ڌڪ لڳڻ سبب دماغ جون سموريون رڳون ڪٽجي ويون جنھن سان 20 منٽن اندر ماڻھو دم ڏيندو آھي ۽ دم ڏيڻ جي ڪجهه دير  بعد اي ڊي شر جي چھري تي ساڳئي ئي تيز ڌار اوزار سان ٻه وار ڪيا ويا رپورٽ ۾ ڄاڻايو آھي تيز ڌار اوزار سان وار سبب مقتول جي چھري ۽ ڪنڌ جون  ھڏيون به ٽٽيون آھن  قتل جو سبب بڻيل تيز ڌار اوزار وڏو ڪھاڙو ڪات به ٿي سگھن ٿا ميڊيڪل آفيسر موجب ھي شروعاتي رپورٽ آھي فائنل رپورٽ بعد ۾ جاري ڪئي ويندي، ٻئي طرف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد جي مختلف لا ڪاليجن جي شاگردن صحافي اي ڊي شر جي قتل واقعي خلاف پريس ڪلب سامهون نويد شر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوسٺ ميل ۾ صحافين ڍولڻ ڏاھري، اظھار مري، حاڪم لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنب ۾ صحافين مريد راڄپر، مشتاق شيخ، ذاڪر تمراڻي، انور شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاھرو ڪيو ويو،ميرپوربٺورو ۾جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان صحافي اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قادر بخش زئور، وقار ميراڻي، خادم ميراڻي، معشوق زئور، جنيد زئور ۽ غلام حسين ملاح، ناٿو زئور ۽ شھيد ڀٽو گروپ جي جعفر اوٺو جي اڳواڻي ۾ کورواهه اسٽاپ تي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.هنڱورجا ۾ صحافين غلام حسين چانگ، جمال محمود کھڙو، خير محمد عامر، ذاھد سامٽيو ۽ ٻين شھيد اي ڊي شر جي  تڏي تي پهچي سندس وارثن کي هڪ لک رپيا ڏنا،قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صحافين طرفان حاڪم خاصخيلي،محمد مٺل کوسو،مولابخش مغيري،نور احمد کوسو، رحيم منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.