ٺري ميرواھ(ن پ ا)ٺري ميرواھ جي صحافي اي ڊي شر جي قتل ڪيس ۾ نامزد نياز بادامي، اعجاز دستي، فھيم چنا، نعيم چنا سميت ڇھن جوابدارن کي ٻن ڏينھن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو عدالت پاران 14 ڏينھن رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد جوابدارن کي جيل ڪسٽڊي ڪري ڇڏيو، ياد رھي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار منصور اعواڻ ضمانت تي ۽ دانش ڀٽي روپوش ھجڻ ڪري سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي .