ڪراچي/خيرپور/ٺري ميرواهه (نمائندن وٽان) ٺري ميرواھ ۾ قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ اي ڊي شر جي اباڻي شھر ھنڊياري ۾ دڪاندارن شٽربند ھڙتال ڪئي، وارثن پوليس کان جوابدار منصور اعواڻ سميت ٻين جي گرفتاري ۽ انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن خيرپور ۾ شر برادري جي نوجوانن ملازم شر، شڪيل احمد شر، صداقت علي، توفيق احمد، ڪاشف شر، ايڊوڪيٽ حسنين شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪراچي ۾ صحافي شوڪت زرداري، سرفراز ميتلو، ايڊوڪيٽ نذير شر، نثار شر، فياض شر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو، هوڏانهن ملير ۾ شر برادري پاران نثار شر، خالد شر، فقير عبدالقادر شر، لعل خان شر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اي ڊي شر پنهنجي قلم ذريعي مافيا خلاف آواز بلند ڪيو جنهن سبب مافيا سچي صحافي کي شهيد ڪرائي ڇڏيو، هنن چيو ته ٺري ميرواهه جو ايس ايچ او مافيا کان رشوت وٺي انهن کي سپورٽ ڪري رهيو آهي ۽ ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سمورا جوابدار گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.