اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اي پي ايس سانحي کي ڏهه سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اسان جون دليون غمگين ۽ رت جا ڳوڙها روئي رهيون آهن. اهو هڪ اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو هو، جنهن جي ياد اسان جي دلين کي پريشان ڪري رهي آهي. وزير اعظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ وحشي دهشت گرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي احاطي ۾ داخل ٿي 144 معصوم زندگين کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنا خوارج ۽ انهن جهڙن ٻين دهشت گردن ملڪ دشمن گروهن جو مذهب ۽ سماجي قدرن سان ڪو به تعلق نه آهي، پرڏيهي ملڪ دشمن عناصر انهن کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.