اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ

0
25
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ
اي پي ايس حملي وقت ڳٺ جوڙ ۽ آرمي ايڪٽ هوندي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڇو نه ٿيو ؟ سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي شروع ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته عدالتي فيصلن ۾ ملٽري ڪورٽ کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جو ڳٺ جوڙ هجي ته ٽرائل فوجي عدالت ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته ملٽري ڪورٽ ۾ ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه هوندو آهي ۽ معاملو سويلين جي ٽرائل جو ناهي. پر آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه جي ارتڪاب جو آهي. جسٽس جمال مندوخيل سوال اُٿاريو ته ڏوهه جي ڳٺ جوڙ سان ڇا مراد آهي. جنهن تي خواجه حارث وضاحت ڏني ته ڳٺ جوڙ مان مراد ڏوهه جو تعلق آرمي ايڪٽ سان آهي. جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ پڇيو ته ڇا ڳٺ جوڙ سان گڏ ڏوهه ڪرڻ واري جي نيت به ڏٺي ويندي.؟ ان تي چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته جوابدار ملٽري ڪورٽ ۾ ڏوهه جي نيت نه هجڻ جو دفاع وٺي سگهي ٿو. خواجه حارث ٻڌڻي دوران 21 هين آئيني ترميم ڪيس جي فيصلي جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته 21 هين ترميم مخصوص حالتن ۾ ڪئي وئي هئي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي وقت به فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ممڪن نه هيو ۽ دهشتگردن جي ٽرائل جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پئي.  خواجه حارث چيو ته ملڪي دفاع ۾ زمانه امن، جنگ ۽ دهشتگردي جي صورتحال مختلف هوندي آهي. 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان خواجه حارث چيو ته انهن جوابدارن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو ۽  آرمي ايڪٽ جي شق ٽو ون، ڊي ون جو نفاذ 1967 ۾ موجود آهي. جيئن عدالتي فيصلن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي. جسٽس جمال مندوخيل آرمي پبلڪ اسڪول سانحي وقت ڳٺ جوڙ جي موجود هجڻ باوجود فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه هجڻ جو ڪارڻ پڇيو. خواجه حارث جواب ڏنو ته آئيني ترميم ۾ ڊسپلين ۽ ٻين ڏوهن کي شامل ڪيو ويو هو. جسٽس جمال مندوخيل دهشتگردي جي واقعن تي ملٽري ڪورٽس جي ڪردار تي سوال اُٿاريو. جڏهن ته خواجه حارث چيو ته آئيني ترميم جي بغير دهشتگردي جي ڪيسن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ هلي سگهي ٿو. جسٽس نعيم اختر افغان رمارڪس ڏنا ته 21 هين ترميم ڪيس جي فيصلي ۾ قانونسازي جي نيت جي پهلو کي به ڏٺو ويو. خواجه حارث صاحب اوهان فيصلي جي ان رخ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. آئيني ترميم بعد آئيني بينچ ۾ ٻڌڻي دوران رضا رباني جي سينيٽ ۾ ڳوڙها ڳاڙڻ جو ذڪر ٿيو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين 21 هين ترميم تي ووٽ ڏئي روئي ويٺو هو. اڳوڻي چيئرمين سينيٽ جا ڳوڙها به تاريخ جو حصو آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو رضا رباني ووٽ نه ڏئي ها ته وڌ کان وڌيڪ سيٽون هليون وڃن ها. رضا رباني پاڻ عدالت ۾ ٻڌايو هو ته اُن جا هٿ ۽ پير ٻڌل هئا. رضا رباني جون 18 هين ترميم جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. رضا رباني بااصول ماڻهو آهي، ان جو ووٽ ڏئي روئڻ سمجهه ۾ اچي ٿو. رضا رباني کي ڄاڻ هئي ته هن حقيقت ۾ ڇا ڪيو آهي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ان جي روئڻ جو ڪارڻ شايد اهو نه هيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو رضا رباني ووٽ ڏيڻ بعد ناراض به رهيو هو. جسٽس محمد علي مظهر وضاحت ڪئي ته عدالت ڏوهه جي نوعيت جو جائزو نه وٺي رهي آهي. پر صرف آرمي ايڪٽ متعلق شقن جي آئيني حيثيت ڏسي رهي آهي. هن چيو ته جائزي ۾ اهو به ڏٺو ويندو ته ملٽري ٽرائل جي لاءِ ڪهرو طريقيڪار جوڙيو ويو آهي. ڇا جوابدار کي مرضي جو وڪيل ڏنو ويو ۽ شاهد فراهم ڪيا ويا يا نه. جسٽس محمد علي مظهر 21 هين آئيني ترميم جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻن ججن راءِ ڏني هئي ته آئيني ترميم عدالت ۾ چئلينج نٿي ٿي سگهي، خواجه حارث دليل ڏنا ته جيڪڏهن آرمي ايڪٽ جي شق ٽو ون ڊي ۽ ٽو ڊي ٽو کي آئين جي آرٽيڪل اٺ جي شق ٽي جي تحت درست قرار ڏنو ويو ته ملٽري ڪورٽس جي خلاف دخواستون ٻڌڻي جوڳيون نه ٿينديون. ان تي وڪيل فيصل صديقي طنزيه چيو ته خواجه صاحب جا دليل ٻڌي ته ملٽري ڪورٽس ۾ پريڪٽس شروع ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان. جنهن تي جسٽس مظهر جواب ڏنو ته پهريان عدالت کي فيصلو ڪرڻ ڏيو. ان بعد بعد جنهن کي جِتي پريڪٽس ڪرڻي آهي ڪري. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.