اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت احتجاج دوران ڊي چوڪ تان گرفتار 19 جوابدارن کي چئن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو پوليس گرفتار 19 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا آڏو پيش ڪري ڇڏيو، سيڪريٽريٽ پوليس جوابدارن جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي عدالت جوابدارن جو چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، رات دير سان جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪوبه وڪيل پيش نه ٿي سگهيو، جوابدارن کي رات دير سان عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو وڃي ٿو.