اي وي ايل سي پوليس جي ڪارروائي، 5 موٽرسائيڪل لفٽر گرفتار

0
417

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اي وي ايل سي پوليس ڪارروائي ڪندي 5 موٽرسائيڪل لفٽرس کي گرفتار ڪرڻ سميت 6 چوري ڪيل موٽرسائيڪلون پڻ برآمد ڪري ورتيون. ايس ايس پي عارف اسلم رائو جو چوڻ هو ته جوابدار موٽرسائيڪلن جا پارٽس ڪڍي وڪرو ڪندا هئا. گرفتار جوابدارن ۾ شهزاد عرف لنگڙا، علي اصغر، شاڪر، ارباز ۽ عزير خان شامل آهن. ايس ايس پي موجب جوبدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.