ڪراچي (شوبز نيوز) اي آر وائي ڊجيٽل جو ڊرامو “اي عشق جنون” ڊرامن ۾ هڪ نئين تاريخ هوندو، ڊرامي جو مرڪزي ڪردار ايمن حفيظ ڪيو آهي، ڊرامي جي حوالي سان سينئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو ته ايمن هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڇوڪري آهي، جيڪا والدين ڀيڻ ڀائرن سان گڏ رهندي آهي، سندس هڪ ڀيڻ نوشين جي شادي ٿي چڪي آهي، ايمن جو پيءُ بينڪ ۾ سڪيورٽي گارڊ هيو، بينڪ ۾ ڌاڙي سبب اهو معذور ٿي ويو، بينڪ مان جيڪا رقم ملي هئي، ان مان ڌيءَ جي شادي ڪري ڇڏي، هاڻي گهر جي ذميداري ايمن تي ٿي وئي، ايمن جو سئوٽ جمال ان کي پسند ڪندو آهي، ايمن جي ماءُ هڪ خود غرض عورت آهي، جڏهن ته جمال به خود غرض ۽ لالچي ماڻهو آهي، ايمن جون ڪهڙيون مشڪلات هيون ۽ اها ڪهڙين حالتن جو شڪار ٿي، اهو ته ڊرامو ڏسڻ بعد ئي پتو پوندو، ڊرامي جي فنڪارن ۾ شهريار منور، اشنا شاهه، شجاع، شبير جان ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن، ان جو ليکڪ سعيد اختر، جڏهن ته هدايتڪاري قاسم علي مريد جي آهي، ڊرامو “اي عشق جنون” هر سومر ۽ اڱاري جي رات 8 وڳي اي آر وائي ڊجيٽل تان ڏسي سگهبو.