اي سي پنو عاقل تي ڪاوڙ: اوهان عهدي جي اهل ناهيو: هاءِ ڪورٽ

0
25
اي سي پنو عاقل تي ڪاوڙ: اوهان عهدي جي اهل ناهيو: هاءِ ڪورٽ
اي سي پنو عاقل تي ڪاوڙ: اوهان عهدي جي اهل ناهيو: هاءِ ڪورٽ

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪيس ۾ مطمئن نه ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل مٿان ڪاوڙ، ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي، عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان  اسسٽنٽ ڪمشنر لاءِ اهل نه آهيو، ڇو نه چيف سيڪريٽري کي اوهان کي هٽائڻ لاءِ لکيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بينچ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ردا زهرا ٽالپر، درخواستگذار حفيظ الرحمان انڍڙ، وڪيل سرفراز آخوند ۽ واسطيدار پيش ٿيا، درخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ديهه پنوعاقل ۾ پلاٽ آهي، ايراضي جي ماپ ۽ حدبندي لاءِ درخواست ڏني، ان باوجود ماپ نه ٿي، مختيار ڪار پنوعاقل ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل کي درخواست ڏني پر ان باوجود عمل ناهي ٿيو، عدالت طرفان اسسٽنٽ ڪمشنر مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، وڪيل مطابق اسسٽنٽ ڪمشنر عدالت ۾ چيو ته مون کي ڄاڻ ناهي ته سيٽلمينٽ ڇا ٿيندي آهي، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان کي عهدي جي ڪم جي ڄاڻ ناهي، پوءِ اوهان عهدي لاءِ اهل ناهيو، ڇو نه چيف سيڪريٽري کي لکجي ته اوهان کي عهدي تان هٽايو وڃي، اسسٽنٽ ڪمشنر معافي واري درخواست ڏيندي عدالتي فيصلي تي عملدار ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي، عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل کي مهلت ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي اپريل مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.