حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي بازيابي لاءِ لڳل ڌرڻي تي پوليس چڙهائي واري عمل جي عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن به مذمت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد لال شاهه، رشيد سڌايو ۽ ٻين چيو ته احتجاج ھر شھري جو بنيادي حق آھي ۽ پرامن احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي لٺبازي آئين جي سنگين خلاف ورزي جي زمري ۾ اچي ٿو. هنن چيو ته ڪنڌڪوٽ پوليس ڌاڙيلن بدران شهرين تي تشدد ڪيو آهي جن خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن ثمر حيدر جتوئي ۽ ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي به ڪنڌڪوٽ ڌرڻي تي پوليس جي لٺبازي واري عمل جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اهلڪارن توڙي سندن سهولتڪارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو لاوارث ناهن ۽ هو ڌرتي ڌڻين تي ظلم برداشت نه ڪندا. اڳواڻن چيو ته پوليس ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪرڻ بدران ڌرتي ڌڻين تي لٺيون وسائي مٿن آسو گيس هلايا جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته پوليس ڌاڙيلن جي ساٿاري بڻيل آهي.