اي الله!! فلسطينين جي مدد ڪر، عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن کي برباد ڪري ڇڏ: حج خطبو

0
29
اي الله!! فلسطينين جي مدد ڪر، عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن کي برباد ڪري ڇڏ: حج خطبو
اي الله!! فلسطينين جي مدد ڪر، عورتن ۽ ٻارن جي قاتلن کي برباد ڪري ڇڏ: حج خطبو

رياض(م ڊ) مسجد الحرام جي امام شيخ ڊاڪٽر صالح بن عبدالله مسجد نمره ۾ حج جو خطبو ڏيندي چيو آهي ته ايمان وارن کي الله کان ڊڄڻ گھرجي ۽ تقويٰ اختيار ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته شيطان مسلمانن جو دشمن آهي، تنهنڪري مسلمانن کي ان کان پري رهڻ گھرجي، مسلمانن کي پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق رکڻ گھرجي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي دشمن کي معاف ڪندو ته الله ان کي پنهنجو دوست بڻائيندو. شيخ صالح بن عبدالله چيو ته الله تعاليٰ اسلام کي دين طور انسانيت لاءِ پسند ڪيو آهي ۽ دين مڪمل ٿي چڪو آهي، نيڪي برائين کي ختم ڪري ٿي، تنهنڪري نيڪيءَ جي گهڻي کان گهڻي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته الله جي عبادت اهڙي نموني ڪرڻ گھرجي ڄڻ ته الله کي ڏسي رهيا هجو. مسجد الحرام جي امام چيو ته اسلام جي دين جا ٽي درجا آهن، جن مان سڀ کان مٿانهون درجو ”احسان“ آهي، والدين تي رحم، نرمي، وعدا پاڙڻ به دين جو حصو آهي ۽ حيا ايمان جي شاخ آهي. شيخ صالح بن عبدالله چيو ته حج دوران الله جو گهڻو ذڪر ڪرڻ گھرجي، دعائون گھرڻ گھرجن ۽ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائين جي دعا گهرڻ گھرجي، الله حڪم ڏنو آهي ته نيڪيءَ ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪريو ۽ برين ڳالهين کان بچو. هن چيو ته الله صبر ڪندڙن کي پورو اجر عطا ڪري ٿو ۽ ايمان وارن کي سچ ڳالهائڻ گھرجي، ڪوڙ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. شيخ صالح بن عبدالله ان موقعي تي دعا ڪئي ته الله فلسطيني ڀائرن جي مدد فرمائي ۽ عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪندڙ ظالمن کي برباد ڪري. ان موقعي تي هن سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ خاص دعائون به ڪرايون.