ڪراچي (شوبز نيوز) اي آر واءِ ڊجيٽل سدائين جيان پنهنجي ڏسندڙن لاءِ بهترين ۽ خوبصورت سيريل پيش ڪري رهيو آهي.ان حوالي سان سينيئر ڪاپي ايڊيٽر م ش خ ٻڌايو ته سيريل ”پرديس“ 1990 جي ڏهاڪي جي دور تي لاجواب سيريل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شائته لوڌي مک ڪردار نڀايو آهي، اهو سومر جي رات 8 وڳي کان 10هين وڳي تائين ڏيکاريو ويندو.سوپ سيريل ”مجهي ودا ڪر“ سومر کان خميس تائين رات 7 وڳي ڏيکاريو ويندو، جڏهن ته سيريل ”نيلي زنده هي“ هر خميس جي رات 8 وڳي ڏيکاريو ويندو.سيريل ”آزمائش“ ۾ هڪ ڪامياب بزنس مين جي ٻن ڌيئرن جو مک ڪردار آهي، اهو سيريل اربع جي رات 8 وڳي کان 10 وڳي تائين ٻن قسطن ۾ ڏيکاريو ويندو.