چنائي(شوبز نيوز) جڳ مشهور ڀارتي فلمساز راجيو مينن انڪشاف ڪيو آهي ته ’آسڪر‘ ايوارڊ ماڻيندڙ ڀارتي موسيقار اي آر رحمان جڏهن اسلام قبول ڪيو ته ان دوران کيس خانداني دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، راجيو مينن هڪ يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ اي آر رحمان ۽ سندس ڪٽنب جي اسلام قبول ڪرڻ بابت ڳالهايو. راجيو مينن’او ٽو انڊيا‘نالي يوٽيوب چينل کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته هو اي آر رحمان کي 35 سالن کان سڃاڻي ٿو. هن جو چوڻ هو ته ماضي ۾ رحمان تمام گهڻو لڄارو هو، پر هاڻي هو مختلف معاملن بي باڪيءَ سان ڳالهائيندو آهي. راجيو مينن موجب، اي آر رحمان کي ننڍپڻ کان ئي موسيقي جو شوق هو، جيڪڏهن هو موسيقي سان واڳيل نه هجي ها ته سندس شخصيت اڄ اهڙي نه هجي ها، هن موسيقي ذريعي خانداني دٻاءُ سميت ٻين مسئلن جو مقابلو ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ راجيو مينن انڪشاف ڪيو ته اسلام قبول ڪرڻ واري فيصلي تي اي آر رحمان کي پنهنجي خاندان جي طرفان سخت دٻاءُ کي منهن ڏسڻو پيو.
فلمساز جو چوڻ هو ته هن اي آر رحمان ۽ سندس ڪٽنب جي اسلام قبول ڪرڻ واري مرحلي کي تمام ويجهي ڏٺو هو، ان دوران هن موسيقيار جي خاندان ۽ اسلامي عالمن وچ ۾ مترجم جو ڪردار ادا ڪيو. راجيو مينن جو چوڻ هو ته اسلام قبول ڪرڻ واري فيصلي تي اي آر رحمان کي خاص طور تي پنهنجي ڀينرن جي شادين جي سلسلي ۾ سخت دٻاءُ برداشت ڪرڻو پيو. هن ٻڌايو ته اي آر رحمان ۽ سندس ڪٽنب ان وقت هندي ٻولي نه ڄاڻندو هو، جنهن سبب هن مذهبي عالمن ۽ رحمان جي خاندان وچ ۾ مترجم جو ڪردار ادا ڪيو. راجيو مينن جي بيان مان اشارو ملي ٿو ته اسلام قبول ڪرڻ جو فيصلو اي آر رحمان جي ماءُ، ڀينرن ۽ ٻين گهرڀاتين ڪيو جنهن کي موسيقار خانداني دٻاءُ سبب قبول ڪيو.