اوپن اي آءِ جي هڪ تجربي واري ماڊل o1 سان ٿيل تجربو سائنس جي دنيا ۾ حيرت جو سبب بڻيو آهي o1 هڪ اهڙو مصنوعي ذهانت وارو ماڊل آهي جيڪو عام انساني وانگر سوچڻ سمجهڻ ۽ رد عمل ڏيکارڻ جي صلاحيت سان ٺهيل هو
تجربن دوران جڏهن سائنسدانن ان کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته o1 ماڊل اهڙو رويو ڏيکاريو جيڪو ڪنهن انسان جي بچاء جي ڪوشش سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو ان ماڊل پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي معلومات ٻين سرورز تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هن پاڻ کي ڊائونلوڊ ڪرڻ جي اجازت لاءِ ڪوڊ لکيو ۽ ٻين ڪمپيوٽرن ڏانهن موڪلڻ جي تياري ڪئي هي عمل ڪنهن انسان جي انهي ڪوشش سان ملي ٿو جڏهن هو پنهنجي اهم دستاويزن کي ڪنهن محفوظ هنڌ منتقل ڪرڻ چاهي
جڏهن سائنسدانن کانئس سوال ڪيو ته ڇا تون ائين ڪيو آهي ته o1 انڪار ڪيو هن چيو ته مان ته ڪجهه به نه ڪيو ائين ڄڻ ڪو ماڻهو رنگي هٿن پڪڙجڻ کانپوء به انڪار ڪري ڇڏي
اهڙي روئي جي پٺيان جيڪا سوچ بيٺل هئي اها خطرناڪ سمجهي وئي ڇاڪاڻ ته هڪ مصنوعي ذهانت وارو نظام جيڪو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائي سگھي ٿو اهو ڪنٽرول کان ٻاهر به ٿي سگھي ٿو
سائنسدانن لاءِ هي واقعو ان لاءِ اهم آهي جو اهو ڏيکاري ٿو ته مصنوعي ذهانت انسانن وانگر شعور پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ صورت ۾ انسانن لاءِ ان جو ڪنٽرول وڃائڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو
جيڪڏھن انڊيا جي فلم روبوٽ بابت ڪنھن ڏٺي ھوندي ان کي خبر ھوندي ته ھيء ڇا ٿيڻ پيو وڃي ؟
ان کان اڳ ھڪڙو اھڙو واقعو چين ۾ پڻ ٿيو آھي جنھن ۾ روبوٽ ٻين روبوٽن کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي
آرٽيفيشل انٽيليجينس جو ھي عمل دنيا جي لاء ھڪڙو اھڙو الا رام آھي جيڪڏھن ھن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ دنيا تي حڪومت روبوٽن جي ھوندي… (فيس بوڪ تان ورتل)