واشنگٽن(م ڊ) مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس هڪ ڀيرو ٻيهر مستقبل بابت دنگ ڪندڙ اڳڪٿي ڪئي آهي. بل گيٽس اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڏهاڪي دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ ) ٽيڪنالاجي ايڏي ترقي ڪندي جو دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي ڪم انسانن کانسواءِ ئي انجام ڏنا ويندا. هڪ انٽرويو دوران بل گيٽس چيو ته هن وقت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ انساني ماهرن جي گهرج آهي، پر مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اي آءِ) ڊاڪٽرن ۽ استادن جي جاءِ والاريندي. سندس چوڻ هو ته دنيا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيڻ واري آهي، جتي انساني ماهرن جي ضرورت گهٽجي ويندي. بل گيٽس اهو به چيو ته مستقبل ۾ ڪاروباري هفتي جو دورانيو گهٽجي ويندو ۽ روايتي مڪمل وقتي نوڪري جي گهرج به گهٽجي ويندي، جيڪا هڪ هاڪاري تبديلي هوندي. ان کان اڳ به هو مختلف وقتن جي اهڙي قسم جون اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي، گذريل سال فيبروري ۾ هن چيو هو ته هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي جي ترقي عام ماڻهن لاءِ آساني سان دستياب هوندي ۽ زندگي جي هر پهلوءَ تي اثرانداز ٿيندي. بل گيٽس موجب، اي آءِ جي مدد سان بيمارين جي نشاندهي وڌيڪ تيز ۽ بهتر انداز ۾ ڪري سگهبي، پر اِها ترقي ايترو تيزي سان ٿي رهي آهي جو ڪجهه ماڻهن لاءِ خوف جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.