ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) اي آءِ جي مدد سان سائنسدانن 2 هزار سال پراڻي سڙيل مسودي جو پهريون لفظ پڙهي ورتو آهي، سائنسدانن سدائين ڪنهن نه ڪنهن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندا رهندا آهن، پر ان باري ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جي مدد سان انهن ڪجهه “انڊيانا جونز” جهڙو ڪم ڪيو آهي، جي ها واقعي اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان سائنسدانن هڪ ناممڪن ڪم ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي ۽ لڳ ڀڳ 2 هزار سال پراڻي سڙيل مسودي مان هڪ لفظ پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، ماهرن 79هين عيسوي جي هڪ قديم رومي سڙيل مسودي جي هڪ لفظ کي پڙهيو، اهو مسعودو 79هين عيسوي ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ سبب سڙي ويو هو ۽ زمين ۾ دفن ٿي ويو هو، جيڪو لفظ سائنسدان اي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن، اهو قديمي يوناني زبان جو هيو، جنهن جو ترجمو ڪراهت يا بيزاري سمجهي سگهجي ٿو، اهو پنجون Herculaneum مسودو آهي، جنهن لاءِ اي آءِ ٽيڪنالي ۽ اسڪينز کي استعمال ڪيو ويو، ماهرن جي اميد آهي ته اهي مسودي سان قديم روم ۽ يونان جي باري ۾ ڪافي معلومات حاصل ڪري سگهندا، هيل تائين اهو ڄاڻڻ ۾ به ڪامياب ناهن ٿي سگهيا ته ان مسعودي لاءِ استعمال ڪيل سياهي لاءِ ڪهڙو ڪيميائي نسخو استعمال ڪيو ويو، پر انهن جو مڃڻ آهي ته اها ڪنهن هڪ خاص جزي تي مشتمل آهي، اهو مسودو هن وقت برطانيه ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي هڪ لائبريري ۾ موجود آهي، ماهرن ٻڌايو ته انهن اي آءِ ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ڪمپيوٽر ٽيڪنيڪس سان مسودي جي پهرين لفظ διατροπή جي سڃاڻپ ڪئي، هنن ٻڌايو ته اها حيران ڪندڙ اڳڀرائي آهي ته اي آءِ جي مدد سان اسان ان مسعودي جي اندر ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، جنهن کي لڳ ڀڳ 2 هزار سالن کان ڪوئي پڙهي ناهي سگهيو.