ٽنڊوڄام ( رپورٽ : اظهر لوچي) ايگريڪلچر انجينئرنگ ورڪشاپ کاتي ٽنڊو ڄام ۾ ساڍا ٽي سئو ملازم گوسڙو ھجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، کاتي اندر گوسڙو ملازمن جي انڪشاف بعد ٽائيم نيوز جي ٽيم پهتي ته رڪارڊ ۽ مسٽرول غائب ڪيو ويو، اداري ۾ گوسڙو اسٽاف ۽ ڪامورا هجڻ ڪري ادارو ڀوت بنگلو جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي، معلوم ٿيو آهي ته سوين ملازم ويزا تي ويل آهن، اداري اندر ڊپٽي ڊائريڪٽر امان علي شاهه به ڪورٽ جي لتاڙ ڪندي ٻن عهدن تي ويٺل آهي، جڏهن ته اداري اندر ذوالفقار عمراڻي سميت ٻيا ڪامورا هفتن هفتن کان ڊيوٽي تان غائب آهين، جڏهن ته سندس آفيسن کي پڻ تالا لڳل آهن، هوڏانهن ٽائيم نيوز جي ٽيم اداري اندر اچانڪ پهتي ته سمورا ڪامورا ويزا تي غائب هئا، جڏهن ته ٽائيم نيوز جي ٽيم جڏهن پهتي ته ڪامورن پاران مسٽرول ۽ ٻيو رڪارڊ غائب ڪندي هڪ ٻئي مٿان الزام هنيا، هوڏانهن موقف وٺڻ لاءِ اداري جي اهم ڪرسين تي ويٺل ڪامورن موقف نه ڏنو،
ويزا تي ويل ملازم سالن کا غائب آهن، ڪامورن کي منٿلي ڏين ٿا: ذريعا
ٽنڊو ڄام: ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته گوسڙو ڪامورا گذريل ڪيترن ئي سالن کان ويزا تي غائب آهن، جيڪي پنهنجا پگهار مان سندس ڪامورن کي منٿلي ڏين ٿا، هوڏانهن اداري اندر پندرهين پنڌرهين گريڊ جي سيٽن تي سندس ٻئي گريڊ جا ملازم ڪم ڪرڻ لڳا آهن. جڏهن ته اداري اندر ڪامورا توڙي لوئر اسٽاف نه اچڻ سبب سموري اداري جا ڪم به رلي ويا آهن، جنھن سبب آبادگارن توڙي هارين کي سخت مشڪلاتون پيش اچڻ لڳيون آهين
ايڊيشنل ڊائريڪٽر، اڪائونٽ ايڊمن، اڪائوڊنٽ، ليبر، هيلپر سميت اهم ڪامورا ويزا تي
ٽنڊوڄام: ايگريڪلچر انجينئرنگ ورڪشاپ کاتي ۾ مختلف عهدن تان غائب ڪامورن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، اڪائونٽ ايڊمن، اڪائوڊنٽ، ليبر، هيلپر، آپريٽر، گريسر، مڪينڪ، سميت ڪيترن ئي عهدن تي ويٺل اسٽاف ويزا تي ويل هو ۽ غائب نظر آيو ،ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي سيٺ تي ويٺل امان ﷲ شاهه تازو ئي 20 گريڊ ۾ پروموشن بعد کيس ٻه ايڊيشنل چارجون مليل هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، هوڏانهن سبسڊي لاءِ آفيس ۾ ايندڙ زميندار، آبادگار کي سندس غير قانوني سيٺ تي ويٺل گريسر ۽ هيلپر جو عملو ڊيل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي.