اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي (ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ريلوي وزارت جي منصوبي ايم ايل ون جي اپگريڊيشن جي منظوري ڏني وئي، ايم ايل ون ڪراچي کان شروع ٿئي ٿو، ڪوٽڙي، حيدرآباد، روهڙي، ملتان، لاهور، راولپنڊي کان ٿي پشاور وٽ ختم ٿئي ٿو، ايڪنڪ ڪراچي سرڪلر ريلوي (ڪي سي آر) تي به غور بعد 263149 ملين جي غيرملڪي حصي سان گڏ 292388 ملين رپين جي منصوبي جي  منظوري ڏني، جنهن تي ڪراچي ۾ جديد اربن ريلوي نظام جوڙيو ويندو، ريلوي ٽريڪ تعمير ڪيو ويندو جيڪو ڊرگ روڊ کان شروع ٿي گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا، لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد، سائٽ ۽ لياري کان گذرندو.