اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ايڪنڪ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف منصوبن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ گومل زم ڊيم لاءِ 25.92 ارب رپين جي نظرثاني ٿيل پي سي ون جي منظوري ڏني وئي. سنڌ ۾ ڪورونا ريسپانس ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ 20.82 ارب رپين جو پروگرام پڻ منظور ڪيو ويو . وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون 2023 تائين پروگرام برابر رقم سان مڪمل ڪنديون. ان کان علاوه حيدرآباد-سکر 306 ڪلوميٽر موٽر وي جي تعمير لاءِ 191.47 ارب روپين جي نظرثاني ٿيل پي سي ون منظور ڪئي وئي. ريڻي ڪينال جي 100 ڪلوميٽرن جي پهرين مرحلي ۾ 20.53 ارب روپين جو پي سي ون منظور ڪيو ويو. اهو منصوبو ڪشمور ، گهوٽڪي ، سکر ۽ خيرپور ۾ 4.12 لک ايڪڙ زمين کي سيراب ڪندو.