لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين سيزن جو آفيشل ترانو ”ايڪس ديکو“ جاري ڪري ڇڏيو. اربع ڏينهن پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن لاءِ جاري ڪيل تراني ۾ علي ظفر، طلحٰه انجم، نتاشا بيگ ۽ ابرار الحق پنهنجا سُر وکيريا آهن. ميگا ايونٽ جو آفيشل ترانو پي سي سي ۽ پي ايس ايل جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي شيئر ڪيو ويو آهي. جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو آهي ته ”انتظار ختم! توهان لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون آفيشل ايچ بي ايل پي ايس ايل جو نغمو.“ واضح رهي ته علي ظفر ۽ طلحٰه انجم پهريان به پي ايس ايل جا ترانا ڳائي چڪا آهن، پهريون ڀيرو نتاشا بيگ ۽ ابرار الحق پاڪستان سپر ليگ جي آفيشل تراني ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي. هي ترانو پي ايس ايل شوقينن لاءِ هڪ نئون ۽ پرجوش تجربو آهي، جيڪو ميگا ايونٽ لاءِ منجهن وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ڪندو.