ملير(رپورٽ: ناز شر) ملير جي قديم وسندين ۽ سرسبز زمينن کي ترقي ۽ ايڪسپريس وي جي نالي ۾ بلڊوز ڪرڻ خلاف ملير جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن جي احتجاجي ويھڪ ملير جي سيد ھاشمي لائبريري ۾ ٿي، جنھن ۾ پ پ ( ش ڀ ) جي مرڪزي اڳواڻ ذوالفقار ڀٽو جونيئر،ڪليم الله لاشاري، حفيظ بلوچ، سلمان بلوچ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ويهڪ ۾ مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسين ترقي جي خلاف ناھيون، ملير جا غلام محمد بلوچ سميت ڪيترا ڳوٺ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جا آھن، ايڪسپريس وي ٺاھڻ جي نالي ۾ قديمي ڳوٺ ڊاهڻ جو سلسلو ڪنھن به صورت قبول ناھي، اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنھن سان اسان جو وجود خطري ۾ پئجي وڃي. هنن چيو ته اسين افغانستان يا انڊيا کان آيل نه پر سنڌ ڌرتي جا حقيقي وارث آھيون، اسان سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته جيڪڏھن ملير جا ڳوٺ رھندا ته ڪراچي به ترقي ڪندو اسين مطالبو ڪريون ٿا ته ملير جي قديم ڳوٺن کي ڊاھڻ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو.